ريلوي کاتي بلوچستان مان ٽرين سروس اڄ هڪ ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏي آهي.
ريلوي اختيارين موجب ريلوي ٽريڪ تي مرمتي ڪم جاري هجڻ سبب ٽرين سروس عارضي طور بند ڪئي وئي آهي.
اختيارين ٻڌايو ته اڄ پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس جي روانگي منسوخ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پشاور کان ڪوئيٽا ايندڙ جعفر ايڪسپريس صرف جيڪب آباد تائين هلندي.
ريلوي اختيارين موجب ٽرين سروس جي معطلي سبب متاثر مسافرن کي ٽڪيٽن جي مڪمل رقم واپس ڪئي ويندي.