ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
09 جولائی 2026
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير سوار هو؟

شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير سوار هو؟

شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز بابت ڪمپني جو بيان سامهون اچي ويو آهي.

ڪمپني موجب، ڪارگو جهاز گذريل رات شارجه کان ڪراچي اچي رهيو هو، جنهن جو رات 9 لڳي 21 منٽن تي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان رابطو اوچتو ختم ٿي ويو.

اعلاميي موجب جهاز ۾ پنج ماڻهو سوار هئا، جن ۾ پائلٽ محمد رضوان ادريس، فرسٽ آفيسر فيصل محمود، لوڊ ماسٽر محمد توفيق، انجنيئر عارف صديقي ۽ محمد حامد شامل هئا.

هوڏانهن ذريعن موجب، رڪارڊ محفوظ رکڻ لاءِ جناح ايئرپورٽ تي نجي ڪمپني جي آفيس کي سيل ڪيو ويو آهي.

ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر موجب، لاپتا جهاز جي پائلٽ آخري لمحن ۾ "مي ڊي" ايمرجنسي ڪال نه ڏني. امڪان آهي ته هنگامي صورتحال سبب کيس اهڙو موقعو ئي نه مليو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جهاز فني خرابي کانپوءِ مرمت لاءِ شارجه موڪليو ويو هو، جتي اهو پنج ڏينهن رهيو. مرمت مڪمل ٿيڻ بعد جهاز خالي حالت ۾ فيري فلائيٽ ذريعي ڪراچي واپس اچي رهيو هو.

ذريعن موجب، شارجه ۾ جهاز جي مرمت Northern Techniques نالي ڪمپني ڪئي هئي.

پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي ترجمان موجب، واقعي کان پوءِ ريسڪيو ڪوآرڊينيشن سينٽر فوري طور فعال ڪيو ويو، جڏهن ته لاپتا جهاز جي ڳولا لاءِ عربي سمنڊ ۾ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، جنهن ۾ مختلف ادارا حصو وٺي رهيا آهن.

ٻئي طرف وزيراعظم جهاز جي لاپتا ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي عملي جي پنجن ئي ميمبرن جي وارثن سان همدردي ظاهر ڪئي آهي. هن سول ايوي ايشن، پاڪ بحريه ۽ پاڪ فضائيه کي امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ ۽ هر ممڪن وسيلا استعمال ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پيٽروليم شين جي قيمتون طئي ڪرڻ واري طريقيڪار خلاف درخواست رد
پيٽروليم شين جي قيمتون طئي ڪرڻ واري طريقيڪار خلاف …
07 Jul 2026
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گهوٽ جي گهر مان فرار
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گه…
07 Jul 2026
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي منظوري
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي…
08 Jul 2026
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ “پنهنجو گهر، محفوظ گهر” اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ…
08 Jul 2026
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منص…
08 Jul 2026
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽ ڇڪتاڻ وڌندي: بئريسٽر گوهر
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽…
08 Jul 2026
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمبر تي رهيو؟
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمب…
08 Jul 2026
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
09 Jul 2026
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاهيندڙ منظم ٽولو گرفتار
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاه…
09 Jul 2026
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم برقرار
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گر…
09 Jul 2026