ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
09 جولائی 2026
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمبر تي رهيو؟

رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمبر تي رهيو؟

رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمبر تي آيو؟

اڪنامسٽ انٽيليجنس يونٽ (EIU) سال 2026 لاءِ رهائش جي لحاظ کان دنيا جي بهترين شهرن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي.

جيڪڏهن توهان کي دنيا جي ڪنهن اهڙي شهر ۾ رهڻ جو موقعو ملي، جتي بهترين صحت جون سهولتون، معياري تعليم، جديد ٽرانسپورٽ، صاف سٿرو ماحول ۽ پُرسڪون زندگي موجود هجي، ته توهان ڪهڙي شهر کي چونڊيندا؟ هن سوال جو جواب اڪنامسٽ انٽيليجنس يونٽ جي تازي گلوبل لائيوئبلٽي انڊيڪس 2026 رپورٽ ڏئي ڇڏيو آهي.

ڊينمارڪ جي گاديءَ واري شهر ڪوپن هيگن لڳاتار ٻئي سال به پهرين نمبر تي رهي دنيا جو رهائش لاءِ بهترين شهر قرار ڏنو ويو آهي. هن شهر استحڪام، تعليم ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ مڪمل نمبر حاصل ڪيا، جڏهن ته ثقافت ۽ ماحول جي حوالي سان پڻ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري.

ڪوپن هيگن کان پوءِ فهرست ۾ ٻئي نمبر تي آسٽريا جو ويانا، ٽئين نمبر تي آسٽريليا جو ميلبورن، چوٿين نمبر تي سڊني ۽ پنجين نمبر تي سوئٽزرلينڊ جو زيورخ شامل آهن.

ڇهين کان ڏهين نمبر تائين ترتيبوار جنيوا (سوئٽزرلينڊ)، اوساڪا (جاپان)، ايڊيليڊ (آسٽريليا)، وينڪوور (ڪينيڊا) ۽ ٽوڪيو (جاپان) شامل آهن.

هن رپورٽ جي تياري دوران مختلف شهرن جي رهواسين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ڪوپن هيگن جي رهواسين موجب هتي سائيڪل هلائڻ روزاني زندگي جو حصو آهي، ماڻهو ڪم کان پوءِ سمنڊ ۾ ترڻ وڃن ٿا ۽ ڪجهه ئي منٽن ۾ پنهنجي گهر پهچي وڃن ٿا.

ويانا جي رهواسين بهترين پبلڪ ٽرانسپورٽ، پُرسڪون طرزِ زندگي ۽ تاريخي حسن کي پنهنجي شهر جي سڃاڻپ قرار ڏنو، جڏهن ته ميلبورن جي رهواسين مختلف ثقافتن، ڪيفي ڪلچر، آرٽ ۽ موسيقي کي پنهنجي زندگي جو اهم حصو قرار ڏنو.

سڊني جي رهواسين موجب سمنڊ، ساحل، فطرت ۽ گهڻ ثقافتي ماحول هن شهر کي دنيا جي منفرد ترين شهرن مان هڪ بڻائين ٿا، جڏهن ته زيورخ جي رهواسين صاف پاڻي، ڍنڍن، دريائن ۽ غيرمعمولي صفائي کي پنهنجي شهر جو سڀ کان وڏو حسن قرار ڏنو.

ڪراچي ڪهڙي نمبر تي آيو؟

رپورٽ موجب پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش جو ڪو به شهر دنيا جي ٽاپ 10 بهترين شهرن ۾ شامل نه ٿي سگهيو. ڪراچي لڳاتار ٻئي سال به 170هين نمبر تي رهيو. ان کان پوءِ ڍاڪا 171هين، طرابلس 172هين ۽ دمشق 173هين، يعني آخري نمبر تي رهيو.

اڪنامسٽ انٽيليجنس يونٽ جي مڪمل درجابندي موجب ڏکڻ ايشيا جي شهرن جي ڪارڪردگي نسبتاً گهٽ رهي، جنهن جا اهم سبب سياسي ۽ معاشي استحڪام، صحت جون سهولتون، بنيادي ڍانچو، ماحولياتي معيار ۽ شهري سهولتن سان لاڳاپيل چئلينجن کي قرار ڏنو ويو آهي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پيٽروليم شين جي قيمتون طئي ڪرڻ واري طريقيڪار خلاف درخواست رد
پيٽروليم شين جي قيمتون طئي ڪرڻ واري طريقيڪار خلاف …
07 Jul 2026
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گهوٽ جي گهر مان فرار
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گه…
07 Jul 2026
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي منظوري
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي…
08 Jul 2026
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير سوار هو؟
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير س…
08 Jul 2026
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ “پنهنجو گهر، محفوظ گهر” اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ…
08 Jul 2026
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منص…
08 Jul 2026
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽ ڇڪتاڻ وڌندي: بئريسٽر گوهر
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽…
08 Jul 2026
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
09 Jul 2026
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاهيندڙ منظم ٽولو گرفتار
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاه…
09 Jul 2026
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم برقرار
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گر…
09 Jul 2026