لاهور ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ "پنهنجو گهر، محفوظ گهر" نالي نئين ڪيٽيگري متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس دوران "پنهنجي ڇت، پنهنجو گهر" پروگرام ۾ "پنهنجو گهر، محفوظ گهر" ڪيٽيگري شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
بريفنگ ۾ وزيراعليٰ کي ٻڌايو ويو ته "پنهنجي ڇت، پنهنجو گهر" منصوبي لاءِ هيل تائين 217.8 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن.
اعلاميي موجب، هڪ لک 80 هزار کان وڌيڪ بي گهر خاندانن کي بنا وياج آسان قسطن تي قرض فراهم ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي.
منصوبي تحت خسته حال ۽ خطري واري حالت ۾ موجود گهرن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ 5 لک رپيا ڏنا ويندا، جڏهن ته نئين گهر جي تعمير يا اضافي منزل ٺاهڻ لاءِ 10 لک رپيا بنا وياج آسان قسطن تي فراهم ڪيا ويندا.
ان موقعي تي مريم نواز چيو ته پنجاب حڪومت ڪمزور ۽ غير محفوظ گهرن کي محفوظ بڻائڻ ۾ مڪمل سهڪار ڪندي. هن چيو ته حڪومت جي فلاگ شپ منصوبن ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته غريب ماڻهن تي اضافي بار نه وڌو وڃي ۽ قرض حاصل ڪرڻ جي شرطن ۾ به ڪا سختي نه ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سٺي حڪمراني جو مطلب رڳو بيان نه، پر عملي قدم کڻڻ آهي.