ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
09 جولائی 2026
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاهيندڙ منظم ٽولو گرفتار

ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاهيندڙ منظم ٽولو گرفتار


ڪراچي ۾ چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي وڏن ٿيلهن ۾ ڀري ان مان بجلي پيدا ڪندڙ هڪ منظم ٽولي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

جيو نيوز موجب سوئي سدرن جي اختيارين ڪراچي جي علائقي گلزار هجري ۾ ڇاپو هڻي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو، جيڪي گيس چوري ڪري پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀريندا هئا ۽ پوءِ ان ذريعي بجلي تيار ڪندا هئا.

سوئي سدرن جي ترجمان موجب جوابدار چوري ٿيل گيس تي هلندڙ ٻه گيس جنريٽر استعمال ڪري رهيا هئا. ڪارروائي دوران 33 ڪي وي اي جا ٻه ۽ 41.3 ڪي وي اي جو هڪ گيس جنريٽر هٿ ڪيو ويو، جن ذريعي لڳ ڀڳ 300 فليٽن ۽ 100 دڪانن کي غيرقانوني طور بجلي فراهم ڪئي پئي وئي.

اختيارين موجب جوابدار غيرقانوني بجلي فراهم ڪرڻ جي عيوض صارفين کان لڳ ڀڳ 20 هزار رپيا ايڊوانس ۽ 2 هزار رپيا ماهوار وصول ڪندا هئا.

سوئي سدرن جي ترجمان ٻڌايو ته ڪارروائي دوران گيس چوري لاءِ استعمال ٿيندڙ سموريون غيرقانوني پائيپ لائينون ختم ڪيون ويون ۽ جنريٽرن ڏانهن ويندڙ غيرمجاز گيس سپلاءِ پڻ بند ڪئي وئي.

ترجمان موجب اها ڪارروائي پوليس جي موجودگي ۾ ڪئي وئي، جڏهن ته جوابدارن رحمت الله، حيات مسعود ۽ سليم مسعود خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

اختيارين خبردار ڪيو آهي ته ڇتين تي رکيل وڏن ٿيلهن ۾ ڀريل گيس ڪنهن به وقت بم وانگر ڦاٽي وڏي تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پيٽروليم شين جي قيمتون طئي ڪرڻ واري طريقيڪار خلاف درخواست رد
پيٽروليم شين جي قيمتون طئي ڪرڻ واري طريقيڪار خلاف …
07 Jul 2026
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گهوٽ جي گهر مان فرار
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گه…
07 Jul 2026
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي منظوري
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي…
08 Jul 2026
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير سوار هو؟
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير س…
08 Jul 2026
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ “پنهنجو گهر، محفوظ گهر” اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ…
08 Jul 2026
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منص…
08 Jul 2026
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽ ڇڪتاڻ وڌندي: بئريسٽر گوهر
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽…
08 Jul 2026
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمبر تي رهيو؟
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمب…
08 Jul 2026
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
09 Jul 2026
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم برقرار
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گر…
09 Jul 2026