ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
03 اکتوبر 2026
ڪراچي جي وليڪا اسپتال ۾ وڌيڪ 16 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق

ڪراچي جي وليڪا اسپتال ۾ وڌيڪ 16 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق


: ڪراچي جي ڪلثوم بائي وليڪا اسپتال ۾ وڌيڪ 16 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تشخيص ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ڪراچي جي ڪلثوم بائي وليڪا اسپتال ۾ نوجوان ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجڻ واري معاملي تي سنڌ جي محتسب سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسپتال جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو.

سنڌ جي محتسب محمد سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي جي پکڙجڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سيڪريٽري ليبر سنڌ ساجد جمال ابڙو، ڪمشنر سيسي هادي بخش ڪلهوڙو، سينيئر ميڊيڪل ايڊوائزر، فوڪل پرسن، ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ۽ متاثر ٻارن جي والدين شرڪت ڪئي.

ٻڌڻي دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وڌيڪ 16 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تشخيص ٿي آهي، جڏهن ته وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ جو به خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.

متاثر ٻارن جي والدين اسپتال انتظاميا جي عدم سهڪار، دوائن جي کوٽ، علاج جي خرچن جي ادائيگي ۾ دير ۽ انتظامي روين بابت شڪايتون پيش ڪيون.

صوبائي محتسب اسپتال جي عملي جي ڪارڪردگي تي افسوس جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته ضرورت موجب تربيت يافته عملي کي مقرر ڪيو وڃي ۽ سنڌ انفيڪشس ڊزيز اسپتال مان ڇهن مهينن لاءِ ماهر ڊاڪٽرن جي ڊيپيوٽيشن جي ڪوشش ڪئي وڃي.

هن دوائن، غذائي سپليمينٽن ۽ ٻين ضروري سامان جي وقت سر فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.

محمد سهيل راجپوت چيو ته بظاهر اسپتال جا مالي معاملا ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي پکڙجڻ جي هڪ اهم سبب بڻيا آهن.

هن اسپتال جي مالي آڊٽ لاءِ ٻن هفتن اندر ڪنهن مشهور آڊٽ ڪمپني جي چونڊ، متاثر مزدور والدين جي بحالي، فوت ٿي ويل ٻارن جي معاوضي، متاثر ٻارن جي بحالي، نفسياتي سهائتا، آگاهي مهم شروع ڪرڻ ۽ اسپتال ۾ فوري طور هيلپ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

سنڌ جي صوبائي محتسب ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ڪراچي: عيد جي ڏينهن ۾ وڌيڪ گوشت کائڻ سبب شهر جي اسپتالن ۾ مريضن جو رش ڏسڻ ۾ آيو۔
ڪراچي: عيد جي ڏينهن ۾ وڌيڪ گوشت کائڻ سبب شهر جي اس…
30 May 2026
جعلي دوائن جي خاتمي لاءِ اهم قدم، وفاقي ڪابينا ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي منظوري ڏئي ڇڏي
جعلي دوائن جي خاتمي لاءِ اهم قدم، وفاقي ڪابينا ٽري…
02 Jun 2026
گرمين ۾ نڪسيِر ڦٽڻ: نڪ مان رت وهڻ شروع ٿئي ته فوراً ڇا ڪجي؟
گرمين ۾ نڪسيِر ڦٽڻ: نڪ مان رت وهڻ شروع ٿئي ته فورا…
11 Jun 2026
انساني جسم ڪيتري گرمي برداشت ڪري سگهي ٿو؟ ماهرن جون حدون واضح
انساني جسم ڪيتري گرمي برداشت ڪري سگهي ٿو؟ ماهرن جو…
11 Jun 2026
ڪراچي ۾ گيسٽرو ۽ دستن جي ڪيسن ۾ واڌ، اسپتالن ۾ مريضن جو وڏو رش
ڪراچي ۾ گيسٽرو ۽ دستن جي ڪيسن ۾ واڌ، اسپتالن ۾ مري…
23 Jun 2026
سنڌ ۾ پوليو وائرس جي خاتمي واري مهم ۾ اڳڀرائي، ماحولياتي نمونن جي نتيجن ۾ نمايان بهتري
سنڌ ۾ پوليو وائرس جي خاتمي واري مهم ۾ اڳڀرائي، ماح…
29 Jun 2026
توهان جي جسم ۾ پاڻي جي ڪيتري کوٽ آهي؟ آسان ٽيسٽ سان ڄاڻو
توهان جي جسم ۾ پاڻي جي ڪيتري کوٽ آهي؟ آسان ٽيسٽ سا…
03 Jul 2026
سنڌ ۾ 79 دوائن ۽ سرنجن جا نمونا غير معياري ۽ جعلي قرار
سنڌ ۾ 79 دوائن ۽ سرنجن جا نمونا غير معياري ۽ جعلي …
14 Jul 2026
منظوري نه ملڻ سبب ڪينسر ۽ ذیابيطس سميت ڪيتريون ئي نيون رجسٽرڊ دوائون اڃا تائين مارڪيٽ ۾ موجود ناهن
منظوري نه ملڻ سبب ڪينسر ۽ ذیابيطس سميت ڪيتريون ئي …
20 Jul 2026
ٽي بي کي ڪووڊ کان به وڌيڪ خطرناڪ بيماري قرار
ٽي بي کي ڪووڊ کان به وڌيڪ خطرناڪ بيماري قرار
24 Jul 2026