ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
03 اکتوبر 2026
جعلي دوائن جي خاتمي لاءِ اهم قدم، وفاقي ڪابينا ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي منظوري ڏئي ڇڏي

جعلي دوائن جي خاتمي لاءِ اهم قدم، وفاقي ڪابينا ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي منظوري ڏئي ڇڏي

ملڪ ڀر ۾ جعلي دوائن جو خاتمو يقيني بڻائڻ لاءِ وفاقي ڪابينا دوائن تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي وزير صحت مصطفىٰ ڪمال چيو آهي ته ڊرگ ليبلنگ اينڊ پيڪنگ رولز 1978 ۾ ضروري ترميمون منظور ڪيون ويون آهن، ۽ اهو فيصلو پاڪستان ۾ جعلي دوائن جي خاتمي ڏانهن هڪ وڏو ۽ تاريخي قدم آهي.

هن چيو ته پهريون ڀيرو هر دوا کي ڊجيٽل طريقي سان ٽريڪ ۽ تصديق ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان جعلي، غير معياري ۽ نقلي دوائن جي سڃاڻپ ۽ خاتمو ممڪن ٿي ويندو. نئين نظام تحت عام صارف به آساني سان دوا جي ميعاد، قيمت ۽ اصليت بابت مستند معلومات حاصل ڪري سگهندو.

وفاقي وزير موجب ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (DRAP) هن جديد نظام کي ملڪ ڀر ۾ لاڳو ڪندي. نون قاعدن تحت سڀني دوا ساز ڪمپنين ۽ درآمد ڪندڙن لاءِ لازمي هوندو ته هو هر دوا جي پيڪ تي معياري 2D بارڪوڊ ۽ سيريلائيزيشن ڊيٽا درج ڪن.

مصطفىٰ ڪمال چيو ته پاڪستان ۾ دوائن جي نظام کي جديد بنيادن تي استوار ڪيو پيو وڃي، ۽ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم سان جعلي دوائن خلاف هڪ مضبوط ۽ مؤثر نظام قائم ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان خطي ۾ جديد ٽيڪنالاجي اپنائڻ وارن ملڪن ۾ اڳتي وڌندو، ۽ هن نظام سان روايتي نگراني بدران مڪمل طور تي ڊجيٽل ڪنٽرول ممڪن ٿيندو.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ڪراچي: عيد جي ڏينهن ۾ وڌيڪ گوشت کائڻ سبب شهر جي اسپتالن ۾ مريضن جو رش ڏسڻ ۾ آيو۔
ڪراچي: عيد جي ڏينهن ۾ وڌيڪ گوشت کائڻ سبب شهر جي اس…
30 May 2026
گرمين ۾ نڪسيِر ڦٽڻ: نڪ مان رت وهڻ شروع ٿئي ته فوراً ڇا ڪجي؟
گرمين ۾ نڪسيِر ڦٽڻ: نڪ مان رت وهڻ شروع ٿئي ته فورا…
11 Jun 2026
انساني جسم ڪيتري گرمي برداشت ڪري سگهي ٿو؟ ماهرن جون حدون واضح
انساني جسم ڪيتري گرمي برداشت ڪري سگهي ٿو؟ ماهرن جو…
11 Jun 2026
ڪراچي ۾ گيسٽرو ۽ دستن جي ڪيسن ۾ واڌ، اسپتالن ۾ مريضن جو وڏو رش
ڪراچي ۾ گيسٽرو ۽ دستن جي ڪيسن ۾ واڌ، اسپتالن ۾ مري…
23 Jun 2026
سنڌ ۾ پوليو وائرس جي خاتمي واري مهم ۾ اڳڀرائي، ماحولياتي نمونن جي نتيجن ۾ نمايان بهتري
سنڌ ۾ پوليو وائرس جي خاتمي واري مهم ۾ اڳڀرائي، ماح…
29 Jun 2026
توهان جي جسم ۾ پاڻي جي ڪيتري کوٽ آهي؟ آسان ٽيسٽ سان ڄاڻو
توهان جي جسم ۾ پاڻي جي ڪيتري کوٽ آهي؟ آسان ٽيسٽ سا…
03 Jul 2026
سنڌ ۾ 79 دوائن ۽ سرنجن جا نمونا غير معياري ۽ جعلي قرار
سنڌ ۾ 79 دوائن ۽ سرنجن جا نمونا غير معياري ۽ جعلي …
14 Jul 2026
منظوري نه ملڻ سبب ڪينسر ۽ ذیابيطس سميت ڪيتريون ئي نيون رجسٽرڊ دوائون اڃا تائين مارڪيٽ ۾ موجود ناهن
منظوري نه ملڻ سبب ڪينسر ۽ ذیابيطس سميت ڪيتريون ئي …
20 Jul 2026
ڪراچي جي وليڪا اسپتال ۾ وڌيڪ 16 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق
ڪراچي جي وليڪا اسپتال ۾ وڌيڪ 16 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي …
22 Jul 2026
ٽي بي کي ڪووڊ کان به وڌيڪ خطرناڪ بيماري قرار
ٽي بي کي ڪووڊ کان به وڌيڪ خطرناڪ بيماري قرار
24 Jul 2026