وفاقي حڪومت کان منظوري نه ملڻ سبب 40 نيون رجسٽرڊ دوائون اڃا تائين مارڪيٽ ۾ دستياب نه ٿي سگهيون آهن. ڪينسر، ذیابيطس، هيموفيليا، پارڪنسنز، دل جي بيمارين ۽ سخت انفيڪشنز جي اهم دوائن جون قيمتون به منظوري جون منتظر آهن، جنهن سبب ڪيترائي مريض غير رجسٽرڊ، ذاتي درآمد ڪيل يا اسمگل ٿيل دوائن تي ڀاڙڻ تي مجبور آهن. وزارت صحت جو چوڻ آهي ته معاملو موجوده دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جو نه، پر نين رجسٽرڊ دوائن جي قيمتن جي تعين جو آهي. 35 نين رجسٽرڊ دوائن جي قيمتن جي منظوري اڳ ئي ڏني وڃي چڪي آهي، جڏهن ته وڌيڪ 40 دوائن جي منظوري لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو جاري آهي. ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) موجب 40 نين دوائن جي قيمتن بابت سفارشون وفاقي حڪومت ڏانهن موڪليون ويون آهن، ۽ قيمتن جي حتمي منظوري کانپوءِ ئي انهن نين رجسٽرڊ دوائن جي قانوني وڪري جي اجازت هوندي. فارما انڊسٽري ۽ ڪيمسٽ تنظيمن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته نين رجسٽرڊ دوائن جي قيمتن جي فوري منظوري ڏني وڃي.