اسلام آباد: سنڌ ۾ پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ جاري جدوجهد ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي ۽ ماحولياتي نمونن جي نتيجن ۾ نمايان بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي.
صحت واري وزارت جي ترجمان موجب سنڌ مان ورتل 29 ماحولياتي نمونن مان 28 جا نتيجا منفي آيا آهن، جيڪو پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ هڪ حوصلا افزا پيشرفت آهي.
وفاقي وزير صحت مصطفىٰ ڪمال چيو آهي ته آگسٽ 2023 کانپوءِ پهريون ڀيرو منفي ماحولياتي نمونن جو سڀ کان وڏو انگ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته ڪراچي ڊويزن ۾ 12 مان 11 ماحولياتي نمونا پهريون ڀيرو منفي آيا آهن، جڏهن ته سنڌ جي ٻين ڊويزنن مان ورتل سڀئي 17 نمونا پڻ منفي رپورٽ ٿيا آهن.
مصطفىٰ ڪمال موجب قمبر ۽ ڪشمور ۾ پوليو وائرس جي ڦهلاءَ کي روڪڻ خوش آئند پيشرفت آهي، جڏهن ته بدين ۽ ميرپورخاص ۾ لڳاتار ٻئي مهيني به ماحولياتي نمونن جا نتيجا منفي اچڻ هڪ اهم ڪاميابي آهي.
وفاقي وزير صحت وڌيڪ چيو ته جولاءِ 2026 دوران ڪراچي ۾ خاص انسدادِ پوليو مهم هلائي ويندي ته جيئن پوليو وائرس جو مڪمل خاتمو ممڪن بڻائي سگهجي.