ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
توهان جي جسم ۾ پاڻي جي ڪيتري کوٽ آهي؟ آسان ٽيسٽ سان ڄاڻو

توهان جي جسم ۾ پاڻي جي ڪيتري کوٽ آهي؟ آسان ٽيسٽ سان ڄاڻو


پاڻي انساني صحت لاءِ انتهائي اهم آهي، خاص طور تي گرم موسم ۾ جسم ۾ پاڻي جي کوٽ صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.

اڃ جسم جو اهو اشارو آهي جيڪو ٻڌائي ٿو ته جسم کي صحيح نموني ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻي جي ضرورت آهي. ڊي هائيڊريشن جو مطلب آهي ته جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي وئي آهي ۽ روزمره جي ڪمن لاءِ گهربل مقدار ۾ پاڻي موجود ناهي.

ڊي هائيڊريشن جون عام نشانيون اڃ لڳڻ، پيشاب جو ڳاڙهو رنگ، معمول کان گهٽ پيشاب اچڻ، وات ۽ چمڙي جو سڪي وڃڻ، ٿڪاوٽ، چڪر اچڻ ۽ مٿي جو سور شامل آهن.

جيڪڏهن اڃ محسوس نه ٿئي ته به توهان هڪ آسان ٽيسٽ سان جسم ۾ پاڻي جي کوٽ جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. ان لاءِ هٿ جي پٺي واري چمڙي کي ڪجهه سيڪنڊن لاءِ چنبڙي پوءِ ڇڏي ڏيو. جيڪڏهن چمڙي فوراً پنهنجي اصل حالت ۾ واپس اچي وڃي ته جسم ۾ پاڻي مناسب مقدار ۾ موجود آهي، پر جيڪڏهن واپس اچڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳي ته اهو ڊي هائيڊريشن جي نشاني ٿي سگهي ٿو.

2007ع ۾ ايمرجنسي ميڊيڪل جرنل ۾ شايع ٿيل هڪ تحقيق موجب چمڙي جي بناوت ۽ لچڪ تي پاڻي جي کوٽ جو اثر پوي ٿو، تنهن ڪري هي سادو ٽيسٽ ڊي هائيڊريشن جي سڃاڻپ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

ماهرن موجب عمر وڌڻ سان چمڙي جي لچڪ قدرتي طور گهٽجي ويندي آهي، تنهن ڪري وڏي عمر وارن ماڻهن ۾ چمڙي کي واپس معمول تي اچڻ ۾ ڪجهه وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن گهڻو وقت لڳي ته کين پاڻي ضرور پيئڻ گهرجي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
اڄڪلهه هنڌ هنڌ ريڙهين تي ملندڙ چڪون کائڻ جا فائدا ڄاڻيو
اڄڪلهه هنڌ هنڌ ريڙهين تي ملندڙ چڪون کائڻ جا فائدا …
15 Apr 2026
ڇا توهان کي به رات جو اگهور ننڊ باوجود سڄو ڏينهن ننڊ جي طلب رهندي آهي؟
ڇا توهان کي به رات جو اگهور ننڊ باوجود سڄو ڏينهن ن…
20 Apr 2026
ڪراچي ۾ عيد دوران هيٽ ويو جو ڪيترو امڪان؟ موسميات کاتي اڳڪٿي ڪري ڇڏي۔
ڪراچي ۾ عيد دوران هيٽ ويو جو ڪيترو امڪان؟ موسميات …
22 May 2026
ڪانگو ۽ يوگنڊا ۾ ايبولا ڪيس وڌڻ بعد پاڪستان ۾ ايئرپورٽن تي نگراني سخت
ڪانگو ۽ يوگنڊا ۾ ايبولا ڪيس وڌڻ بعد پاڪستان ۾ ايئر…
23 May 2026
ڪراچي: عيد جي ڏينهن ۾ وڌيڪ گوشت کائڻ سبب شهر جي اسپتالن ۾ مريضن جو رش ڏسڻ ۾ آيو۔
ڪراچي: عيد جي ڏينهن ۾ وڌيڪ گوشت کائڻ سبب شهر جي اس…
30 May 2026
جعلي دوائن جي خاتمي لاءِ اهم قدم، وفاقي ڪابينا ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي منظوري ڏئي ڇڏي
جعلي دوائن جي خاتمي لاءِ اهم قدم، وفاقي ڪابينا ٽري…
02 Jun 2026
گرمين ۾ نڪسيِر ڦٽڻ: نڪ مان رت وهڻ شروع ٿئي ته فوراً ڇا ڪجي؟
گرمين ۾ نڪسيِر ڦٽڻ: نڪ مان رت وهڻ شروع ٿئي ته فورا…
11 Jun 2026
انساني جسم ڪيتري گرمي برداشت ڪري سگهي ٿو؟ ماهرن جون حدون واضح
انساني جسم ڪيتري گرمي برداشت ڪري سگهي ٿو؟ ماهرن جو…
11 Jun 2026
ڪراچي ۾ گيسٽرو ۽ دستن جي ڪيسن ۾ واڌ، اسپتالن ۾ مريضن جو وڏو رش
ڪراچي ۾ گيسٽرو ۽ دستن جي ڪيسن ۾ واڌ، اسپتالن ۾ مري…
23 Jun 2026
سنڌ ۾ پوليو وائرس جي خاتمي واري مهم ۾ اڳڀرائي، ماحولياتي نمونن جي نتيجن ۾ نمايان بهتري
سنڌ ۾ پوليو وائرس جي خاتمي واري مهم ۾ اڳڀرائي، ماح…
29 Jun 2026