ڪراچي: طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽي بي (تپ دق) ڪووڊ کان به وڌيڪ خطرناڪ بيماري آهي
دنيا ڀر ۾ مختلف بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن. گلوبل ڪلائيميٽ چينج سبب جتي گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، اتي مختلف بيمارين جا جراثيم پڻ وڌيڪ طاقتور ٿيندا پيا وڃن
دنيا کي انهن نون چئلينجن سان گڏ پراڻين بيمارين جي خاتمي جو به وڏو چئلينج درپيش آهي، جنهن ۾ ٽي بي سڀ کان اهم بيماري طور سامهون اچي ٿي
ان حوالي سان ٿائيلينڊ جي شهر بئنڪاڪ ۾ APAC-IRIDS ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل نامور طبي ماهرن شرڪت ڪري خطاب ڪيو
پاڪستان مان ڊاڪٽر ڪنيز فاطمه، ڀارت مان ڊاڪٽر سبرامنين سوامي ناٿ، انڊونيشيا مان ڊاڪٽر ارلينا برهان، فلپائن مان ڊاڪٽر روگايا ڊبليو ڪالاپس ۽ روش (Roche) جي ڊائريڪٽر سيرجيو ڪارمونا انهن اهم ماهرن ۾ شامل هئا، جن دنيا ۾ ٽي بي تي ضابطو آڻڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ماهرن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ٽي بي کي رڳو ڪنٽرول ڪرڻ بدران دنيا مان مڪمل طور ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون وڃن
ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته ٽي بي اهڙي بيماري آهي، جيڪا هڪ ماڻهو کان ٻئي ماڻهو تائين آساني سان منتقل ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ان جا جراثيم خاموشي سان پکڙجندا آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي مريضن کي ڊگهي عرصي تائين خبر ئي نٿي پوي ته هو هن خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن