گرمين جي موسم جي شروعات سان جتي ٻين طبي مسئلن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، اتي نڪ مان رت وهڻ يعني نڪسيِر ڦٽڻ جي شڪايت به عام ٿي وڃي ٿي. تيز گرمي ۽ سخت سج ۾ اوچتو نڪ مان رت اچڻ تي اڪثر ماڻهو پريشان ٿي ويندا آهن، پر ماهرن موجب گهڻن ڪيسن ۾ اها صورتحال فوري طور خطرناڪ نه هوندي آهي. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته گرمين ۾ نڪسيِر ڦٽڻ جون مختلف وجوهات ٿي سگهن ٿيون، جن ۾ نڪ جي اندر خشڪي پيدا ٿيڻ، گهڻو وقت ايئر ڪنڊيشنڊ ماحول ۾ رهڻ، يا نڪ جي نازڪ جھلي جو متاثر ٿيڻ شامل آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن ۾ هاءِ بلڊ پريشر ۽ نڪ جي اندروني سوزش به هن مسئلي جا اهم سبب بڻجن ٿا.
ماهرن موجب جڏهن نڪ مان رت وهڻ شروع ٿئي ته سڀ کان پهرين پريشان ٿيڻ بدران پرسڪون رهڻ گهرجي ۽ تيز هلڻ يا ڊوڙڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اهڙي صورتحال ۾ فوري طور تي هڪ جاءِ تي ويهي رهڻ بهتر آهي ته جيئن جسم تي اضافي دٻاءُ نه پوي. اڪثر ماڻهو غلط طور تي سر کي پوئتي موڙين ٿا يا ليٽي پون ٿا، پر جديد طبي تحقيق موجب اهو طريقو نقصانڪار ٿي سگهي ٿو، ڇو ته رت ڳلي ڏانهن وڃي کنگهه، متلي يا ساهه جي تڪليف جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
صحيح طريقو اهو آهي ته متاثر شخص پنهنجو سر ٿورو اڳتي جهڪائي آرام سان ويهي رهي ته جيئن رت نڪ جي ذريعي ٻاهر نڪري ۽ ڳلي ۾ داخل نه ٿئي. ان دوران نڪ بدران وات ذريعي ساهه وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن نڪ کي آرام ملي ۽ رت جي جمڻ جو عمل بهتر ٿي سگهي. جيڪڏهن رت نه رڪي ته نڪ کي نرمي سان دٻائڻ مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته سختي سان دٻائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. برف جو استعمال به مددگار آهي، جنهن کي صاف ڪپڙي ۾ ويڙهي نڪ ۽ ان جي آس پاس رکڻ سان سوزش گهٽجي ٿي ۽ رت جلدي رڪجي سگهي ٿو.
مستقبل ۾ هن مسئلي کان بچڻ لاءِ پاڻي جو وڌيڪ استعمال، نڪ ۾ نمي برقرار رکڻ ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ ماحول ۾ احتياط ڪرڻ ضروري آهي. رات جو نڪ جي اندر ٿورو پيٽروليم جيلي يا ناريل جو تيل لڳائڻ خشڪي گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. سج ۾ نڪرڻ وقت سر ڍڪڻ، نڪ ۾ آڱر وجهڻ يا نَخن چٻائڻ جهڙين عادتن کان پاسو ڪرڻ پڻ اهم آهي. وڌيڪ مرچ مصالحيدار ۽ گرم اثر واري خوراڪ کان به پرهيز ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن نڪسيِر بار بار ٿئي يا رت گهڻي دير تائين نه رڪي ته فوري طور ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ ضروري آهي.