ڇا توهان ڪڏهن اهڙو گهر ڏٺو آهي، جنهن جي اندر هڪ ٻيو گهر موجود هجي؟ يقين ڪرڻ ڏکيو لڳندو، پر يورپي ملڪ ڪروشيا جي بول نالي شهر ۾ اهڙو ئي هڪ انوکو گهر موجود آهي.
پهرين نظر ۾ هي پراڻو گهر عام يا کنڊر جهڙو لڳي ٿو، پر جڏهن ماڻهو ان جي اندر داخل ٿئي ٿو ته خبر پوي ٿي ته ان جي اندر هڪ ٻيو ننڍڙو گهر لڪل آهي.
مٿان کان ڏسڻ تي ننڍڙو گهر هڪ وڏي ۽ اڻپوري عمارت جي اندر ڦاٿل نظر اچي ٿو. ڪنهن کي به پڪ سان معلوم ناهي ته هڪ گهر جي اندر ٻيو گهر ڇو موجود آهي، پر ان بابت هڪ مقامي ڪهاڻي تمام گهڻي مشهور آهي.
ڪهاڻي موجب 19هين صدي جي آخر ۾ دولت مند ووڪووچ (Vukovic) خاندان ان هنڌ تي هڪ شاندار محل تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ آس پاس جون زمينون خريد ڪرڻ شروع ڪيون. سڀني ماڻهن پنهنجون زمينون وڪڻي ڇڏيون، پر مارڪو نالي هڪ شخص پنهنجو گهر وڪڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ووڪووچ خاندان پوءِ مارڪو جي گهر جي چوڌاري پنهنجي محل جي تعمير شروع ڪئي، اميد هئي ته هو آخرڪار مجبور ٿي گهر وڪڻي ڇڏيندو، پر تعمير دوران خاندان جا ٽي ڀائر سمنڊ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، جنهن سبب محل جي تعمير اڌ ۾ رهجي وئي.
مارڪو پنهنجي گهر ۾ رهندو رهيو، ۽ اڄ به هي انوکو تعميراتي عجوبو سياحن جي خاص دلچسپي جو مرڪز بڻيل آهي.