آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ٿيل معاهدي بابت چيو آهي ته "منهنجي خيال ۾ ايران سان ٿيل ايم او يو ختم ٿي چڪو آهي." ترڪي جي گادي واري شهر انقره ۾ نيٽو سربراهه سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي ٽرمپ چيو ته هو گرين لينڊ ۽ ايران جي معاملي تي نيٽو سان خوش ناهي. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته "مان ايرانين سان ڊيل ڪرڻ نٿو چاهيان، ايران سان جنگ بندي به ختم ٿي وئي آهي، جيڪڏهن ايرانين وٽ ايٽمي هٿيار هجن ها ته هو انهن کي ضرور استعمال ڪن ها، مان ايران سان پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ نٿو چاهيان."