ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
09 جولائی 2026
جاپان ۾ عورت پنهنجي هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان سِي ڇڏي

جاپان ۾ عورت پنهنجي هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان سِي ڇڏي


جاپان ۾ پوليس هڪ عورت کي پنهنجي سان گڏ رهندڙ هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان سِي ڇڏڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب واقعي کانپوءِ 42 ورهين جي متاثر عورت شهر ڪوگا ۾ موجود گهر مان ڀڄي ويئي ۽ ويجهي دڪان تي پهچي هڪ ڪاغذ تي "مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪريو" لکي ماڻهن کان مدد گهري.

بعد ۾ جاپان جي اوڀر واري صوبي ايباراڪي جي پوليس 49 ورهين جي عورت ماسائي ساڪورائي کي حملي جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو.

پوليس موجب 29 جون تي پيش آيل واقعي دوران جوابدار عورت متاثره سان گڏ رهندي هئي ۽ ان ئي دوران هن مبينا طور پنهنجي هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان سِي ڇڏيا.

پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته اها پڻ معلوم ڪيو پيو وڃي ته ڇا ان گهر ۾ ڪو ٽيون شخص به رهندو هو يا نه.

جاپان جي سرڪاري نشرياتي اداري اين ايڇ ڪي موجب زخمي عورت پوليس کي ٻڌايو ته هڪ تڪرار دوران جوابدار عورت ڪاوڙ ۾ اچي سندس چپ سِي ڇڏيا.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ڀارت ۾ جهنگلي هاٿڻي جي موت تي سڄو ڳوٺ سوڳ ۾ ٻڏي ويو
ڀارت ۾ جهنگلي هاٿڻي جي موت تي سڄو ڳوٺ سوڳ ۾ ٻڏي وي…
03 Jul 2026
فرانس ۾ سخت گرمي، هڪ هفتي دوران 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت
فرانس ۾ سخت گرمي، هڪ هفتي دوران 2 هزار کان وڌيڪ ما…
03 Jul 2026
طاقتور ايل نينو سسٽم سرگرم ٿيڻ جي اڳڪٿي، عالمي گرمي ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو
طاقتور ايل نينو سسٽم سرگرم ٿيڻ جي اڳڪٿي، عالمي گرم…
04 Jul 2026
سعودي اتحاد جو يمن جي حوثين کي خبردار، حملي جي صورت ۾ سخت جواب جو اعلان
سعودي اتحاد جو يمن جي حوثين کي خبردار، حملي جي صور…
04 Jul 2026
ارجنٽينا ڪيپ ورڊي کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي
ارجنٽينا ڪيپ ورڊي کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پ…
04 Jul 2026
آبنائے هرمز غير علائقائي طاقتن جي فوجي مظاهرن جو ميدان ناهي، ايران جو خبردار
آبنائے هرمز غير علائقائي طاقتن جي فوجي مظاهرن جو م…
04 Jul 2026
ٽرمپ جو اعلان: ايران سان معاهدو ختم، وڌيڪ ڳالهين کان انڪار
ٽرمپ جو اعلان: ايران سان معاهدو ختم، وڌيڪ ڳالهين ک…
08 Jul 2026
منشيات ڪيس: اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيورٽ ميڪگل جي ضمانت واري اپيل رد
منشيات ڪيس: اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيورٽ ميڪگل جي…
08 Jul 2026
واشنگٹن: چین کے بحرالکاہل میں بیلسٹک میزائل تجربے پر امریکا نے تشویش کا اظہار کر دیا۔  خبر ایجنسی کے مطابق امریکی محکمہ
واشنگٹن: چین کے بحرالکاہل میں بیلسٹک میزائل تجربے …
09 Jul 2026
سعودي عرب پاڪستان سميت 7 ملڪن جي شهرين لاءِ سياحتي پيڪيج ويزا متعارف ڪرائي ڇڏيو
سعودي عرب پاڪستان سميت 7 ملڪن جي شهرين لاءِ سياحتي…
09 Jul 2026