واشنگٽن: بحرالڪاهل ۾ چين جي بيلسٽڪ ميزائل جي تجربي تي آمريڪا ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اختيارين چيو آهي ته چين 6 جولاءِ تي ميزائل تجربو ڪرڻ کان صرف ڪجهه ڪلاڪ اڳ ان بابت اطلاع ڏنو.
آمريڪي اختيارين جو چوڻ هو ته ڏنل معلومات پنجن جوهري طاقتن جي گروپ P5 جي طئي ٿيل معيار کان گهڻي گهٽ هئي.
اختيارين موجب چين غير شفاف انداز ۾ پنهنجي جوهري هٿيارن جي ذخيري ۾ تيزي سان اضافو ڪري رهيو آهي، جنهن سبب علائقي جا ڪيترائي ملڪ سخت ڳڻتي ۾ آهن.
خبرون ڏيندڙ اداري موجب چين هڪ جوهري آبدوز مان بحرالڪاهل ۾ بيلسٽڪ ميزائل جو تجربو ڪيو هو.
چين جي هن ميزائل تجربي تي آمريڪا، جاپان، آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ تائيوان پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.