ايران پرڏيهي فوجي قوتن کي آبنائے هرمز ۾ ڪنهن به قسم جي فوجي نقل و حرکت کان خبردار ڪندي چيو آهي ته هي اهم سامونڊي گذرگاهه غير علائقائي طاقتن جي فوجي مظاهرن جو ميدان نه آهي.
ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو ته ايران، آبنائے هرمز جي سلامتي جو ضامن هجڻ جي حيثيت سان، آبي گذرگاهه ۾ ڪنهن به غير ضروري فوجي سرگرمي يا نقل و حرکت بابت سخت خدشا رکي ٿو. هن زور ڏنو ته آبنائے هرمز جي سلامتي کي خطري ۾ وجهندڙ ڪنهن به قدم کان پاسو ڪيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته آبنائے هرمز جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ ساحلي ملڪن جي گڏيل ذميواري آهي، جڏهن ته علائقي ۾ بحران يا ڇڪتاڻ پيدا ڪندڙ ڌريون پنهنجي قدمن جي نتيجن جون پاڻ ذميوار هونديون.