يمن ۾ سعودي عرب جي اڳواڻي هيٺ قائم اتحاد حوثي باغين کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن سعودي عرب کي نشانو بڻائڻ جي ڪا به ڪوشش ڪئي وئي ته ان جو ڀرپور ۽ غيرمعمولي طاقت سان جواب ڏنو ويندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، يمني حوثين سعودي عرب تي يمن جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو هو ته جيڪڏهن اهي ڀڃڪڙيون جاري رهيون ته سعودي هوائي اڏن، خشڪي ۽ سمنڊ ۾ موجود اهم تنصيبات کي نشانو بڻايو ويندو.
انهن بيانن کانپوءِ سعودي اتحاد پنهنجي ردعمل ۾ واضح ڪيو آهي ته سعودي عرب جي سلامتي تي ڪنهن به حملي يا خطري کي برداشت نه ڪيو ويندو، ۽ اهڙي ڪنهن به ڪارروائي جو سخت ۽ طاقتور جواب ڏنو ويندو.