فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ 2026 جي رائونڊ آف 32 ۾ ارجنٽينا دلچسپ ۽ سنسني خيز مقابلي کانپوءِ ڪيپ ورڊي کي اضافي وقت ۾ 3-2 تان شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
ميامي ۾ کيڏيل ميچ دوران ارجنٽينا ليونل ميسي جي 29هين منٽ واري گول سان برتري حاصل ڪئي، جڏهن ته ڪيپ ورڊي جي ڊوارٽي 59هين منٽ ۾ اسڪور برابر ڪري ڇڏيو. مقرر وقت تائين مقابلو 1-1 تان برابر رهيو، جنهن بعد ميچ اضافي وقت ۾ داخل ٿيو.
اضافي وقت جي شروعات ۾ ليسينڊرو مارٽينيز ارجنٽينا لاءِ ٻيو گول ڪري برتري ڏني، پر ڪيپ ورڊي جي سڊني ڪيبريل شاندار گول ڪري ٻيهر مقابلو 2-2 تان برابر ڪري ڇڏيو. اضافي وقت جي ٻئي اڌ ۾ ڪيپ ورڊي جي رانديگر ڊني بورگس جي پنهنجي ئي گول ۾ بال وڃڻ سبب ارجنٽينا کي 3-2 جي فيصلائتي برتري ملي، جيڪا آخر تائين برقرار رهي.
هاڻي پري ڪوارٽر فائنل ۾ ارجنٽينا جو مقابلو مصر سان 7 جولاءِ تي ٿيندو، جتي فٽبال جا ٻه وڏا اسٽار ليونل ميسي ۽ محمد صلاح آمهون سامهون هوندا.