ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
عامر خان کي فلمن سان گڏ عورتن جي چونڊ جو به بهترين سليقو آهي: ڪاجول جو دلچسپ تبصرو

عامر خان کي فلمن سان گڏ عورتن جي چونڊ جو به بهترين سليقو آهي: ڪاجول جو دلچسپ تبصرو

بالي ووڊ اداڪارا ڪاجول، مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي ٽئين شادي بابت دلچسپ تبصرو ڪندي چيو آهي ته عامر خان کي فلمن سان گڏ عورتن جي چونڊ جو به بهترين سليقو حاصل آهي.

عامر خان جي بلاڪ بسٽر فلم "لگان" جي رليز کي 25 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي منعقد ڪيل تقريب دوران ڪاجول مزاحيه انداز ۾ چيو ته هڪ ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته عامر خان پنهنجي فلمن جي چونڊ ۾ شاندار ذوق رکي ٿو، جنهن جو آغاز "لگان" کان ٿيو ۽ اڄ تائين جاري آهي.

ڪاجول وڌيڪ چيو ته فلمن سان گڏ عورتن جي چونڊ جي معاملي ۾ به عامر خان جو ذوق تمام سٺو آهي، جنهن تي تقريب ۾ موجود مهمانن کل ۽ تاڙيون وڄائي سندس ڳالهه کي ساراهيو.

ان موقعي تي اسٽيج تي موجود جوهي چاولا پڻ مزاحيه انداز اختيار ڪندي چيو ته وٽس عامر خان بابت چوڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، پر جيڪڏهن هوءَ ڳالهائڻ شروع ڪري ته سڄي شام عامر خان جي ڳالهين ۾ گذري ويندي. سندس چوڻ هو ته هوءَ عامر خان کي ان وقت کان سڃاڻي ٿي جڏهن هو صرف "اي ڪي" جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، ۽ اڄ هو وڏي ڪاميابي حاصل ڪري چڪو آهي.

واضح رهي ته عامر خان ۽ گوري اسپريٽ 5 جولاءِ تي شادي جي بندھن ۾ ٻڌجڻ وارا آهن.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پريتي زنٽا به اي آءِ ڊيپ فيڪ وڊيوز جو شڪار، بمبئي هاءِ ڪورٽ سان رجوع
پريتي زنٽا به اي آءِ ڊيپ فيڪ وڊيوز جو شڪار، بمبئي …
04 Jul 2026
’هيرا ڦيري 3‘ شايد ڪڏهن به نه ٺهي، هدايتڪار پريا درشن جو وڏو انڪشاف
’هيرا ڦيري 3‘ شايد ڪڏهن به نه ٺهي، هدايتڪار پريا د…
04 Jul 2026
عامر خان ۽ گوري اسپرٽ جي شادي جي مهمانن ۽ مينيو جا تفصيل سامهون اچي ويا
عامر خان ۽ گوري اسپرٽ جي شادي جي مهمانن ۽ مينيو جا…
04 Jul 2026
بالي ووڊ پروڊيوسر بوني ڪپور جي ڌيءَ انشولا ڪپور شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي
بالي ووڊ پروڊيوسر بوني ڪپور جي ڌيءَ انشولا ڪپور شا…
07 Jul 2026
"جڏهن به شادي ڪندس ته فخر سان اعلان ڪندس"، آغا علي
"جڏهن به شادي ڪندس ته فخر سان اعلان ڪندس"، آغا علي
07 Jul 2026
پاڪستان جو ناميارو مزاحيه فنڪار الله رکها پيپسي لاڏاڻو ڪري ويو
پاڪستان جو ناميارو مزاحيه فنڪار الله رکها پيپسي لا…
07 Jul 2026
ڌرميندر وفات کان اڳ آخري پيغام ۾ ڇا چيو هو؟ هيما مالني ٻڌائي ڇڏيو
ڌرميندر وفات کان اڳ آخري پيغام ۾ ڇا چيو هو؟ هيما م…
08 Jul 2026
شاهه رخ خان سٺو اداڪار ناهي: فردوس جمال
شاهه رخ خان سٺو اداڪار ناهي: فردوس جمال
09 Jul 2026
مشهور بالي ووڊ اداڪار کي شوٽنگ دوران زهريلي جيت ڪٽي ڇڏيو، حالت ڳڻتي جوڳي
مشهور بالي ووڊ اداڪار کي شوٽنگ دوران زهريلي جيت ڪٽ…
09 Jul 2026
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامندي سان الڳ ٿياسين: وسيم عباس
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامند…
09 Jul 2026