پاڪستان جي سينيئر اداڪار فردوس جمال چيو آهي ته سندس نظر ۾ شاهه رخ خان سٺو اداڪار ناهي.
فردوس جمال تازو هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن نه رڳو پاڪستاني انٽرٽينمينٽ انڊسٽري پر هالي ووڊ ۽ بالي ووڊ بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ميزبان سوال ڪيو ته دليپ ڪمار پنهنجي ولايت شاهه رخ خان ڏانهن منتقل ڪئي آهي، ان بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟
فردوس جمال پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مان ان ڳالهه سان متفق ناهيان، منهنجي خيال ۾ اهڙي ڪا ولايت ناهي هوندي، نه اها ڪا رياست آهي، نه ڪا زمين ۽ نه ئي ڪا ڊگري.
هن وڌيڪ چيو ته شاهه رخ خان ۾ ڪيترائي نقص هئا، ڳالهائڻ ۾ به خامي هئي، جسماني طور به هو ايترو بهتر نه هو، منهنجي خيال ۾ هو ايترو وڏو اداڪار ناهي، جيترو وڏو هو هڪ اسٽار آهي.