ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
09 جولائی 2026
عامر خان ۽ گوري اسپرٽ جي شادي جي مهمانن ۽ مينيو جا تفصيل سامهون اچي ويا

عامر خان ۽ گوري اسپرٽ جي شادي جي مهمانن ۽ مينيو جا تفصيل سامهون اچي ويا


بالي ووڊ اداڪار عامر خان ۽ گوري اسپرٽ جي شادي جي تقريب بابت نوان تفصيل سامهون اچي ويا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب، ٻنهي جي شادي آچر تي ممبئي ۾ عامر خان جي رهائشگاهه تي سادي ۽ خانگي تقريب دوران ٿيندي.

عامر خان اڳ ئي هڪ انٽرويو ۾ 5 جولاءِ کي پنهنجي زندگي جو خاص ڏينهن قرار ڏيندي ٻڌايو هو ته شادي جي ننڍڙي تقريب گهر ۾ منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ صرف ٻنهي خاندانن جا فرد ۽ ويجها دوست شرڪت ڪندا.

ميڊيا رپورٽن موجب، عامر خان ذاتي طور مهمانن جي فهرست ۽ کاڌي جي مينيو کي حتمي شڪل ڏني آهي. تقريب ۾ لڳ ڀڳ 100 کان 150 مهمانن جي شرڪت جو امڪان آهي، جڏهن ته کاڌي ۾ عامر خان ۽ گوري اسپرٽ جي پسنديده طعام شامل ڪيا ويا آهن.

رپورٽن موجب، عامر خان پنهنجي پراڻن دوستن ۽ فلم سازن آشوتوش گوارڪر ۽ راج ڪمار سنتوشي کي به شادي جي دعوت ڏني آهي.

واضح رهي ته عامر خان پنهنجي 60هين سالگرهه جي موقعي تي پهريون ڀيرو گوري اسپرٽ کي عوام آڏو متعارف ڪرايو هو ۽ سندن لاڳاپي جي باضابطه تصديق پڻ ڪئي هئي. عامر خان جي پهرين شادي رينا دتا سان 1986ع ۾ ٿي، جيڪا بعد ۾ ختم ٿي وئي، جڏهن ته ٻي شادي ڪرن رائو سان 2005ع ۾ ٿي ۽ ٻنهي 2021ع ۾ الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
اڪشي ڪمار هڪ مهيني ۾ 4 مهانگا فليٽ وڪڻي ڇڏيا، قيمت ڪيتري ملي؟
اڪشي ڪمار هڪ مهيني ۾ 4 مهانگا فليٽ وڪڻي ڇڏيا، قيمت…
03 Jul 2026
پريتي زنٽا به اي آءِ ڊيپ فيڪ وڊيوز جو شڪار، بمبئي هاءِ ڪورٽ سان رجوع
پريتي زنٽا به اي آءِ ڊيپ فيڪ وڊيوز جو شڪار، بمبئي …
04 Jul 2026
’هيرا ڦيري 3‘ شايد ڪڏهن به نه ٺهي، هدايتڪار پريا درشن جو وڏو انڪشاف
’هيرا ڦيري 3‘ شايد ڪڏهن به نه ٺهي، هدايتڪار پريا د…
04 Jul 2026
بالي ووڊ پروڊيوسر بوني ڪپور جي ڌيءَ انشولا ڪپور شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي
بالي ووڊ پروڊيوسر بوني ڪپور جي ڌيءَ انشولا ڪپور شا…
07 Jul 2026
"جڏهن به شادي ڪندس ته فخر سان اعلان ڪندس"، آغا علي
"جڏهن به شادي ڪندس ته فخر سان اعلان ڪندس"، آغا علي
07 Jul 2026
پاڪستان جو ناميارو مزاحيه فنڪار الله رکها پيپسي لاڏاڻو ڪري ويو
پاڪستان جو ناميارو مزاحيه فنڪار الله رکها پيپسي لا…
07 Jul 2026
ڌرميندر وفات کان اڳ آخري پيغام ۾ ڇا چيو هو؟ هيما مالني ٻڌائي ڇڏيو
ڌرميندر وفات کان اڳ آخري پيغام ۾ ڇا چيو هو؟ هيما م…
08 Jul 2026
شاهه رخ خان سٺو اداڪار ناهي: فردوس جمال
شاهه رخ خان سٺو اداڪار ناهي: فردوس جمال
09 Jul 2026
مشهور بالي ووڊ اداڪار کي شوٽنگ دوران زهريلي جيت ڪٽي ڇڏيو، حالت ڳڻتي جوڳي
مشهور بالي ووڊ اداڪار کي شوٽنگ دوران زهريلي جيت ڪٽ…
09 Jul 2026
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامندي سان الڳ ٿياسين: وسيم عباس
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامند…
09 Jul 2026