پاڪستان جو مشهور مزاحيه فنڪار ۽ اسٽيج پرفارمر الله رکها پيپسي لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي وڇوڙي جي خبر سندس مداحن ۽ شوبز انڊسٽري کي ڏک ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
الله رکها پيپسي پنهنجي شاندار مزاحيه پرفارمنسن سبب سڄي ملڪ ۾ سڃاتو ويندو هو. هن مختلف نيوز چينلن جي مزاحيه پروگرامن ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته پنهنجي آخري گهڙين تائين هڪ نجي ٽي وي جي مزاحيه پروگرام ذريعي ماڻهن جي چهرن تي مرڪون ورهائيندو رهيو.
رپورٽن موجب الله رکها پيپسي جو لاڏاڻو دل جو دورو پوڻ سبب ٿيو. نجي ٽي وي جي ميزبان ۽ اداڪار محسن عباس حيدر انسٽاگرام اسٽوري ذريعي سندس وفات جي تصديق ڪندي لکيو ته، "منهنجو پيارو فنڪار رڪارڊنگ دوران دل جي ڌڙڪن بند ٿيڻ سبب اسان کان وڇڙي ويو."
الله رکها پيپسي جي اوچتي وفات جي خبر کانپوءِ سندس مداحن، ساٿي فنڪارن ۽ شوبز شخصيتن پاران گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي.