ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
پريتي زنٽا به اي آءِ ڊيپ فيڪ وڊيوز جو شڪار، بمبئي هاءِ ڪورٽ سان رجوع

پريتي زنٽا به اي آءِ ڊيپ فيڪ وڊيوز جو شڪار، بمبئي هاءِ ڪورٽ سان رجوع


بالي ووڊ اداڪارا پريتي زنٽا پنهنجي نالي سان تيار ڪيل جعلي اي آءِ (مصنوعي ذهانت) ڊيپ فيڪ وڊيوز، تبديل ٿيل تصويرن ۽ ٻين غيرمجاز ڊجيٽل مواد خلاف بمبئي هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو آهي.

درخواست ۾ پريتي زنٽا موقف اختيار ڪيو آهي ته مصنوعي ذهانت جي مدد سان سندس چهري ۽ سڃاڻپ کي استعمال ڪندي بغير اجازت ڊيپ فيڪ وڊيوز، تبديل ٿيل تصويرون ۽ چيٽ بوٽ طرز جو مواد تيار ڪري سوشل ميڊيا ۽ ٻين آن لائن پليٽ فارمن تي نشر ڪيو پيو وڃي، جنهن سان سندس ساک ۽ شهرت متاثر ٿي سگهي ٿي.

اداڪارا عدالت کان درخواست ڪئي آهي ته سندس نالي ۽ سڃاڻپ استعمال ڪري تيار ڪيل سمورو تڪراري مواد فوري طور هٽايو وڃي ۽ مستقبل ۾ اهڙو مواد شايع ڪرڻ تي به پابندي لڳائي وڃي.

هي درخواست جسٽس مادھو جمدار جي سربراهي ۾ ٻڌڻي لاءِ پيش ٿي، جتي عدالت شروعاتي دليل ٻڌڻ کانپوءِ لاڳاپيل ڌرين ۽ آن لائن پليٽ فارمن کي هدايت ڪئي ته تڪراري مواد هٽائڻ لاءِ گڏيل طريقيڪار تيار ڪيو وڃي. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 جولاءِ تي ٿيندي.

واضح رهي ته ڊيپ فيڪ ٽيڪنالاجي مصنوعي ذهانت جي ذريعي اهڙيون وڊيوز، تصويرون يا آڊيو تيار ڪري ٿي، جن ۾ ڪنهن شخص کي اهي ڳالهيون يا عمل ڪندي ڏيکاريو ويندو آهي، جيڪي حقيقت ۾ ڪڏهن به پيش نه آيا هوندا.




ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
اڪشي ڪمار هڪ مهيني ۾ 4 مهانگا فليٽ وڪڻي ڇڏيا، قيمت ڪيتري ملي؟
اڪشي ڪمار هڪ مهيني ۾ 4 مهانگا فليٽ وڪڻي ڇڏيا، قيمت…
03 Jul 2026
’هيرا ڦيري 3‘ شايد ڪڏهن به نه ٺهي، هدايتڪار پريا درشن جو وڏو انڪشاف
’هيرا ڦيري 3‘ شايد ڪڏهن به نه ٺهي، هدايتڪار پريا د…
04 Jul 2026
عامر خان ۽ گوري اسپرٽ جي شادي جي مهمانن ۽ مينيو جا تفصيل سامهون اچي ويا
عامر خان ۽ گوري اسپرٽ جي شادي جي مهمانن ۽ مينيو جا…
04 Jul 2026
بالي ووڊ پروڊيوسر بوني ڪپور جي ڌيءَ انشولا ڪپور شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي
بالي ووڊ پروڊيوسر بوني ڪپور جي ڌيءَ انشولا ڪپور شا…
07 Jul 2026
"جڏهن به شادي ڪندس ته فخر سان اعلان ڪندس"، آغا علي
"جڏهن به شادي ڪندس ته فخر سان اعلان ڪندس"، آغا علي
07 Jul 2026
پاڪستان جو ناميارو مزاحيه فنڪار الله رکها پيپسي لاڏاڻو ڪري ويو
پاڪستان جو ناميارو مزاحيه فنڪار الله رکها پيپسي لا…
07 Jul 2026
ڌرميندر وفات کان اڳ آخري پيغام ۾ ڇا چيو هو؟ هيما مالني ٻڌائي ڇڏيو
ڌرميندر وفات کان اڳ آخري پيغام ۾ ڇا چيو هو؟ هيما م…
08 Jul 2026
شاهه رخ خان سٺو اداڪار ناهي: فردوس جمال
شاهه رخ خان سٺو اداڪار ناهي: فردوس جمال
09 Jul 2026
مشهور بالي ووڊ اداڪار کي شوٽنگ دوران زهريلي جيت ڪٽي ڇڏيو، حالت ڳڻتي جوڳي
مشهور بالي ووڊ اداڪار کي شوٽنگ دوران زهريلي جيت ڪٽ…
09 Jul 2026
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامندي سان الڳ ٿياسين: وسيم عباس
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامند…
09 Jul 2026