بالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار پريا درشن فلم ’هيرا ڦيري 3‘ بابت وڏو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته موجوده حالتن کي ڏسندي کيس نٿو لڳي ته هي فلم ڪڏهن به وڏي پردي تائين پهچي سگهندي.
هڪ انٽرويو دوران پريا درشن ٻڌايو ته قانوني تڪرارن، ذاتي اختلافن ۽ پروڊيوسر فيروز نادياڊوالا جي روَي سبب کيس هن منصوبي کان الڳ ٿيڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. سندس دعويٰ هئي ته فيروز نادياڊوالا ڪيترن ئي موقعن تي سندس بي عزتي ڪئي ۽ اڪشي ڪمار کي به چيو ته جيڪڏهن فلم ٺاهڻي آهي ته اها پريا درشن کانسواءِ ٺاهيو.
پريا درشن موجب، اڪشي ڪمار، سونيل شيٽي ۽ پريش راول کيس فلم جي هدايتڪاري لاءِ قائل ڪيو هو، ۽ ڪهاڻي ٻڌڻ کانپوءِ ٽئي اداڪار به هن منصوبي بابت تمام گهڻو پرجوش هئا.
هن وڌيڪ چيو ته فلم جي اعلان کانپوءِ سيون آرٽس فلمز کيس قانوني پيچيدگين بابت آگاهه ڪيو، جنهن کانپوءِ کيس احساس ٿيو ته هن منصوبي کي مڪمل ڪرڻ انتهائي ڏکيو هوندو.
پريا درشن واضح ڪيو ته سندس ۽ اڪشي ڪمار جي پيشاوراڻن لاڳاپن ۾ ڪا به خرابي ناهي. ٻنهي هن وقت هڪ نئين ڪاميڊي فلم تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سندن گڏيل فلم ’حيوان‘ هلندڙ سال 11 سيپٽمبر تي سينيما گهرن ۾ رليز ٿيڻ واري آهي.