بالي ووڊ ۽ هندي سينيما جي مشهور اداڪار راجيش شرما کي ڏکڻ ڀارت جي سپر اسٽار پربهاس جي ايندڙ فلم جي شوٽنگ دوران هڪ زهريلي جيت ڪٽي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ سندس طبيعت سخت خراب ٿي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب راجيش شرما هن وقت ڪولڪتا جي منی پال اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.
اداڪارا سوديپا چٽرجي راجيش شرما جي گهرڀاتين پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پريس نوٽ ذريعي سندن بگڙندڙ صحت جي تصديق ڪئي.
پريس نوٽ موجب اهو واقعو حيدرآباد جي راموجي فلم سٽي ۾ پيش آيو، جتي پربهاس جي فلم جي شوٽنگ جاري هئي. پيڪ اپ کانپوءِ راجيش شرما گهاٽن ٻوٽن ڀرسان مقامي ٽيڪنيڪل عملي سان ڳالهائي رهيا هئا ته ان دوران کين ڪنهن زهريلي جيت ڪٽي ڇڏيو. شروعات ۾ هن ان کي معمولي سمجهيو ۽ فوري طبي امداد نه ورتي.
سندن گهرڀاتين موجب واقعي کان لڳ ڀڳ 6 ڪلاڪن بعد اداڪار جي ساڄي ٽنگ ۾ شديد سور شروع ٿيو، پر هو خراب طبيعت باوجود ڪولڪتا ويندڙ اڏام ۾ سوار ٿي ويا، جتي سفر دوران کين تيز بخار ٿي ويو ۽ حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي.
اسپتال جي ڊاڪٽرن موجب زهر سبب انفيڪشن پير جي آڱرين کان وٺي گوڏي تائين پکڙجي چڪو آهي، ٽنگ تي وڏا ڦوڪا به نڪري آيا آهن ۽ کين ساهه کڻڻ ۾ به سخت تڪليف پيش اچي رهي آهي.
ڊاڪٽرن ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته انفيڪشن سبب ٽنگ ۾ رت جو لوتھڙو ٺهي سگهي ٿو، جيڪو ڦڦڙن تائين پهچي ويو ته جان لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. هن وقت راجيش شرما اڃا تائين خطري کان ٻاهر ناهن.