بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار ممبئي جي مهانگي جائيداد واري مارڪيٽ ۾ صرف هڪ مهيني دوران لڳ ڀڳ 20 ڪروڙ رپين ماليت جا 4 فليٽ وڪڻي ڇڏيا آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب پراپرٽي رجسٽريشن جي ڊيٽا مان معلوم ٿيو آهي ته اڪشي ڪمار 30 جون 2026ع تي ممبئي جي علائقي ملنڊ ويسٽ ۾ واقع اوبراءِ اينگما جي 18هين ماڙ تي موجود ٻه لگزري اپارٽمينٽ 12.38 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو ڪيا.
هر اپارٽمينٽ جو ايراضو 1,886 چورس فوٽ آهي ۽ ان سان گڏ 3 پارڪنگ اسپيسون پڻ شامل آهن.
رپورٽ موجب اڪشي ڪمار اهي ٻئي فليٽ 2017ع ۾ مجموعي طور 9 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪيا هئا، جن کي وڪڻي هن تقريباً 3.3 ڪروڙ رپين جو منافعو حاصل ڪيو.
ان کان اڳ جون 2026ع جي شروعات ۾ اڪشي ڪمار بوريولي ايسٽ ۾ واقع اوبراءِ اسڪائي سٽي جا ٻه اپارٽمينٽ پڻ 7.10 ڪروڙ رپين ۾ وڪڻي چڪو هو. اهڙي طرح هن صرف هڪ مهيني دوران لڳ ڀڳ 19.5 ڪروڙ رپين ماليت جون 4 رهائشي ملڪيتون وڪڻي ڇڏيون.