ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
عبدالعليم خان: ڪشميري عوام جون محروميون ختم ڪنداسين، آزاد ڪشمير جا فيصلا اُتي ئي ٿيندا

عبدالعليم خان: ڪشميري عوام جون محروميون ختم ڪنداسين، آزاد ڪشمير جا فيصلا اُتي ئي ٿيندا


اسلام آباد: استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان چيو آهي ته ڪشميري عوام جون محروميون ختم ڪرڻ، معياري تعليم، بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ شفاف حڪمراني پارٽي جون اهم ترجيحون آهن. هن چيو ته آزاد ڪشمير جا فيصلا اُتي جي عوام جي خواهشن ۽ مفادن موجب ڪيا ويندا ۽ ڪشميرين سان ڪيل سڀ واعدا پورا ڪيا ويندا.

آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم سردار تنوير الياس استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي، جڏهن ته ڪرنل محبوب، علي خان سوني، ملڪ ذوالفقار، صاحبه صديق، رياض گجر، طاهر کوکهر، راجا طالب، مرتضيٰ علي احمد، جبار مغل، تقديس گيلاني ۽ ٻين اڳواڻن پڻ پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

پريس ڪانفرنس دوران عبدالعليم خان چيو ته جيڪڏهن کين حڪومت ٺاهڻ جو موقعو مليو ته ميرٽ، شفافيت ۽ عوامي خدمت کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته سياست جو مقصد صرف اقتدار حاصل ڪرڻ نه، پر عوام جي زندگي بهتر بڻائڻ آهي، ڇاڪاڻ ته رڳو ڳالهين سان نه پر عملي قدمن سان ئي تبديلي آڻي سگهجي ٿي.

عبدالعليم خان وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ جديد شاهراهن ۽ موٽرويز جي تعمير تي تيزي سان ڪم جاري آهي. سکر کان ڪراچي موٽروي کي بندرگاهه سان ڳنڍڻ وارو منصوبو هن سال شروع ٿيندو، جڏهن ته اسلام آباد – مري ايڪسپريس وي کي مظفرآباد تائين وڌايو پيو وڃي، جنهن سان آزاد ڪشمير جي عوام کي محفوظ، تيز ۽ معياري سفري سهولتون فراهم ٿينديون.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گهوٽ جي گهر مان فرار
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گه…
07 Jul 2026
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي منظوري
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي…
08 Jul 2026
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير سوار هو؟
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير س…
08 Jul 2026
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ “پنهنجو گهر، محفوظ گهر” اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ…
08 Jul 2026
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منص…
08 Jul 2026
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽ ڇڪتاڻ وڌندي: بئريسٽر گوهر
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽…
08 Jul 2026
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمبر تي رهيو؟
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمب…
08 Jul 2026
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
09 Jul 2026
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاهيندڙ منظم ٽولو گرفتار
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاه…
09 Jul 2026
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم برقرار
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گر…
09 Jul 2026