ڪينيڊا ۾ پاڪستاني مشهور گلوڪار، اداڪار ۽ موسيقار علي ظفر هڪ شاندار اوپن ايئر ڪنسرٽ دوران نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. مسيساگا جي مشهور هنڌ Celebration Square تي ٿيندڙ هن ڪنسرٽ ۾ لڳ ڀڳ 45 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن کي منتظمين هن مقام جي تاريخ جو سڀ کان وڏو موسيقي جو اجتماع قرار ڏنو آهي.
شائقين جي وڏي تعداد سبب مجمع صرف اسڪوائر تائين محدود نه رهيو، پر ڀرپاسي جي روڊن ۽ ويجهن علائقن تائين به پکڙجي ويو. هي شو علي ظفر جي “روشني ٽور 2026” جي اتر آمريڪا واري حصي جو آخري ڪنسرٽ هو، جنهن ۾ پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش سميت ڏکڻ ايشيا جي وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.
ڪنسرٽ جو سڀ کان يادگار لمحو ان وقت آيو جڏهن علي ظفر پنهنجو مشهور گانو “جھوم” پيش ڪيو، جنهن دوران هزارين مداحن موبائل لائيٽون ٻاري اسٽيڊيم کي روشنيءَ جي سمنڊ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. پروگرام جي آخر ۾ هو اسٽيج تان لهي مداحن وچ ۾ به پهتو، جنهن تي ماڻهن زبردست خوشي جو اظهار ڪيو.
علي ظفر پنهنجي خطاب ۾ انسانيت، ثقافتي سڃاڻپ، ۽ هڪ ٻئي جي احترام جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ رهڻ باوجود پنهنجي جڙن تي فخر ڪرڻ ۽ ٻين جي آزادي ۽ چونڊ جو احترام ڪرڻ ضروري آهي. پروگرام جي پڄاڻي تي مداح هن سان گڏ گڏ ڳائيندا رهيا ۽ هن شام کي مسيساگا جي تاريخي يادگار واقعن مان هڪ قرار ڏنو ويو.