ڀارت ۾ جهنگلي هاٿڻي جي موت تي سڄو ڳوٺ سوڳ ۾ ٻڏي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب رياست ڪيرالا جي ضلعي وائناڊ ۾ جهنگلي هاٿي جو نظر اچڻ اڪثر تباهي ۽ خوف جو سبب بڻجندو آهي، پر هن ڀيري هڪ جهنگلي هاٿڻي جي موت سڄي ڳوٺ کي غمگين ڪري ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب چندراتھ اُمّناتي ڳوٺ جا رهواسي جهنگلي هاٿڻي جي موت تي ڏک ۾ آهن. هن هاٿڻي جي عمر 70 سال هئي ۽ ڳوٺاڻن محبت مان سندس نالو لڪشمي رکيو هو.
ٻيلن واري کاتي جي اهلڪارن اربع جي صبح هاٿڻي کي مرده حالت ۾ لڌو، جڏهن ته سندس موت جو اصل سبب معلوم ڪرڻ لاءِ پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي سالن کان لڪشمي ويجهي جهنگ مان نڪري ڳوٺ جي ڀرسان ايندي هئي ۽ ڪلاڪن تائين اتي رهندي هئي. هوءَ ٻين جهنگلي هاٿين کان بلڪل مختلف هئي، جيڪي اڪثر ڳوٺ ۾ اچي فصلن کي نقصان پهچائيندا يا ماڻهن تي حملو ڪندا آهن، جڏهن ته لڪشمي ڪڏهن به ڪنهن کي تڪليف نه ڏني.