عارف والا ۾ مبينا اغوا ۽ قتل واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي پوليس مقتولا جي اڳوڻي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب جاچ دوران جوابدار مبينا طور قتل جو اعتراف ڪيو، جنهن کانپوءِ سندس نشاندهي تي کيتن مان عورت جي لاش جا ٽڪرا هٿ ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار صلح جو بهانو بڻائي پنهنجي اڳوڻي زال کي پاڻ وٽ گهرايو. الزام آهي ته بعد ۾ کيس اغوا ڪري قتل ڪيو ويو ۽ ثبوت لڪائڻ لاءِ لاش جا ٽڪرا ڪري کيت ۾ زمين اندر دفن ڪيا ويا.
جاچ دوران پوليس کي معلوم ٿيو ته ٻنهي ڪجهه سال اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي ۽ سندن ٻه ورهين جو هڪ ٻار به آهي. پوليس موجب، جوابدار تقريباً هڪ سال اڳ عورت کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي، جڏهن ته واقعي کانپوءِ مقتولا جي ڀاءُ جي فرياد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته مقتولا جو ٻه ورهين جو ٻار لاهور مان محفوظ حالت ۾ هٿ ڪيو ويو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيس جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ سمورن قانوني پهلوئن کي نظر ۾ رکي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته الزامن بابت حتمي فيصلو عدالت ڪندي.