ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
دنيا جي سڀ کان طاقتور پاسپورٽن جي فهرست ۾ ايشيائي ملڪن جي بالادستي

دنيا جي سڀ کان طاقتور پاسپورٽن جي فهرست ۾ ايشيائي ملڪن جي بالادستي


لنڊن: سال 2026 جي ٻئي اڌ لاءِ دنيا جي طاقتور ترين پاسپورٽن جي فهرست ۾ پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر هيٺين درجن ۾ شامل رهيو آهي.

هينلي اينڊ پارٽنرز پاران جولاءِ کان ڊسمبر 2026ع لاءِ جاري ڪيل فهرست موجب، ايشيائي ملڪ سنگاپور جو پاسپورٽ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جو سڀ کان طاقتور پاسپورٽ قرار ڏنو ويو آهي.

پهرين جولاءِ تي جاري ڪيل فهرست موجب، سنگاپور جو پاسپورٽ رکندڙ ماڻهو 192 ملڪن ۾ بغير ويزا جي سفر ڪري سگهن ٿا.

ٻئي نمبر تي به 3 ايشيائي ملڪ شامل آهن.

گڏيل عرب امارات، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا گڏيل طور ٻئي نمبر تي رهيا، جن جي پاسپورٽن تي 188 ملڪن ۾ ويزا فري داخلا حاصل آهي.

ٽئين نمبر تي يورپي ملڪ سويڊن رهيو، جنهن جي پاسپورٽ تي 187 ملڪن ۾ ويزا فري سهولت موجود آهي.

بيلجيم، ڊينمارڪ، فنلينڊ، فرانس، جرمني، آئرلينڊ، اٽلي، لگزمبرگ، ناروي، نيدرلينڊز ۽ اسپين گڏيل طور چوٿين نمبر تي رهيا، جن جي پاسپورٽن تي 186 ملڪن ۾ ويزا فري داخلا ملي سگهي ٿي.

يونان، آسٽريا، مالٽا، پرتگال ۽ سوئٽزرلينڊ جا پاسپورٽ 185 ملڪن ۾ ويزا فري داخلا سان گڏيل طور پنجين نمبر تي رهيا.

هن فهرست ۾ سفر جي سهولت کي بنياد بڻائي ملڪن جي درجابندي ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته آمريڪي پاسپورٽ ڏهين نمبر تي پهچي ويو آهي، جيڪو هڪ وقت دنيا جو سڀ کان طاقتور پاسپورٽ سمجهيو ويندو هو.

ڪمپني موجب، گڏيل عرب امارات جو پاسپورٽ گذريل هڪ ڏهاڪي دوران سڀ کان تيزي سان اڳتي وڌندڙ پاسپورٽ رهيو آهي.

هن پاسپورٽ جي درجابندي ۾ گذريل ڏهن سالن دوران 40 درجن جي بهتري آئي آهي ۽ هاڻي اهو ٻئي نمبر تي موجود آهي.

دنيا جي ڪمزور ترين پاسپورٽن ۾ پاڪستان چوٿون ڪمزور ترين پاسپورٽ رکندڙ ملڪ قرار ڏنو ويو آهي.

مجموعي طور پاڪستاني پاسپورٽ 100هين نمبر تي رهيو، جنهن تي 30 ملڪن ۾ ويزا فري داخلا ممڪن آهي.

پاڪستان کان هيٺ عراق (101)، شام (102) ۽ افغانستان (103) شامل آهن.

جڏهن ته پاڪستان کان مٿي يمن (99)، صوماليا (98)، نيپال (97)، اتر ڪوريا ۽ بنگلاديش (96)، فلسطين ۽ ايران (95)، ايريٽريا (94)، جڏهن ته سري لنڪا ۽ ليبيا (93) نمبر تي موجود آهن.








ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گهوٽ جي گهر مان فرار
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گه…
07 Jul 2026
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي منظوري
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي…
08 Jul 2026
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير سوار هو؟
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير س…
08 Jul 2026
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ “پنهنجو گهر، محفوظ گهر” اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ…
08 Jul 2026
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منص…
08 Jul 2026
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽ ڇڪتاڻ وڌندي: بئريسٽر گوهر
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽…
08 Jul 2026
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمبر تي رهيو؟
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمب…
08 Jul 2026
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
09 Jul 2026
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاهيندڙ منظم ٽولو گرفتار
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاه…
09 Jul 2026
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم برقرار
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گر…
09 Jul 2026