مشهور پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل عائشه عمر ڪيترن ئي سالن بعد پنهنجي ليڪ ٿيل خانگي تصويرن جي تڪرار تي ڳالهائيندي اهم بيان ڏنو آهي. بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي ويجهي دوست اداڪارا ماريه واسطي سان ٿائيلينڊ ۾ موڪلون ملهائي رهي هئي، جڏهن سندس خانگي تصويرون بنا اجازت جي ليڪ ٿي ويون.
عائشه عمر موجب ڪجهه تصويرن ۾ هوءَ سوئمنگ سوٽ ۾ هئي جڏهن ته ٻين تصويرن ۾ گرميءَ جي موسم وارا ڪپڙا پهريل هئا، پر انهن تصويرن جي منظرِ عام تي اچڻ بعد کيس سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو ۽ ان جو منفي اثر سندس پروفيشنل ڪيريئر تي به پيو.
هن وڌيڪ چيو ته ان وقت ڪيترائي پروڊيوسرز عورتن بابت مخصوص سماجي سوچ کي اهميت ڏيندا هئا، جنهن سبب کيس ڪجهه منصوبن مان به هٿ ڌوئڻو پيو. عائشه عمر واضح ڪيو ته ڪنهن به شخص جون خانگي تصويرون بنا اجازت شيئر ڪرڻ پرائيويسي جي سنگين خلاف ورزي آهي، ۽ هوءَ هن وقت هڪ اين جي او سان گڏجي ان حوالي سان آگاهي مهم جو حصو بڻيل آهي.
هن چيو ته ڪيترن سالن بعد ان موضوع تي ڳالهائڻ جو مقصد صرف پنهنجو تجربو ٻڌائڻ ناهي، پر ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ به آهي ته ڪنهن جي ذاتي معلومات يا تصويرن کي بنا اجازت پکيڙڻ جا سنگين نتيجا ٿي سگهن ٿا.