ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
چين جو نئون تعميراتي منصوبو دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو

چين جو نئون تعميراتي منصوبو دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو

چين هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي شاندار تعميراتي صلاحيتن سان دنيا جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي. هن ڀيري ملڪ هڪ اهڙو منفرد هوائي اڏو تعمير ڪري رهيو آهي، جيڪو زمين تي نه پر سمنڊ جي مٿان هڪ مصنوعي ٻيٽ تي قائم ڪيو پيو وڃي. ڊاليان جنزهووان انٽرنيشنل ايئرپورٽ نالي هي منصوبو جديد انجنيئرنگ جو شاهڪار قرار ڏنو پيو وڃي.

هي ايئرپورٽ جنزهووان بي ۾ 7.7 چورس ميل ايراضيءَ تي تعمير ٿي رهيو آهي ۽ چين جو پهريون اهڙو هوائي اڏو هوندو جيڪو مڪمل طور سامونڊي پاڻيءَ مٿان ٺهيل مصنوعي ٻيٽ تي قائم هوندو. هن منصوبي جو مقصد رڳو هڪ نئون ايئرپورٽ ٺاهڻ نه، پر ڊاليان شهر جي وڌندڙ هوائي ٽرئفڪ، شور، محدود فضائي گنجائش ۽ توسيع جي مسئلن جو مستقل حل فراهم ڪرڻ آهي.

هن وقت ايئرپورٽ تي ٻه رن ويز ۽ هڪ جديد ٽرمينل جي تعمير جاري آهي، جتي هر سال 4 ڪروڙ 30 لک مسافر سفر ڪري سگهندا. ڊگهي مدي واري منصوبي تحت هتي 4 رن ويز ۽ هڪ وسيع ٽرمينل هوندو، جيڪو هر سال 8 ڪروڙ مسافرن کي سهولت فراهم ڪندو.

ساڍا 7 ارب ڊالرن جي لاڳت سان تيار ٿيندڙ هن منصوبي جو 37 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته 3,500 کان وڌيڪ مزدور تعميراتي سرگرمين ۾ مصروف آهن. اميد ڪئي پئي وڃي ته 2035ع تائين هي ايئرپورٽ مڪمل طور فعال ٿي ويندو، جڏهن ته مصنوعي ٻيٽ کي ماحول دوست بڻائڻ لاءِ سوين وڻ پڻ لڳايا ويندا.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
فرانس ۾ سخت گرمي، هڪ هفتي دوران 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت
فرانس ۾ سخت گرمي، هڪ هفتي دوران 2 هزار کان وڌيڪ ما…
03 Jul 2026
طاقتور ايل نينو سسٽم سرگرم ٿيڻ جي اڳڪٿي، عالمي گرمي ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو
طاقتور ايل نينو سسٽم سرگرم ٿيڻ جي اڳڪٿي، عالمي گرم…
04 Jul 2026
سعودي اتحاد جو يمن جي حوثين کي خبردار، حملي جي صورت ۾ سخت جواب جو اعلان
سعودي اتحاد جو يمن جي حوثين کي خبردار، حملي جي صور…
04 Jul 2026
ارجنٽينا ڪيپ ورڊي کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي
ارجنٽينا ڪيپ ورڊي کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پ…
04 Jul 2026
آبنائے هرمز غير علائقائي طاقتن جي فوجي مظاهرن جو ميدان ناهي، ايران جو خبردار
آبنائے هرمز غير علائقائي طاقتن جي فوجي مظاهرن جو م…
04 Jul 2026
ٽرمپ جو اعلان: ايران سان معاهدو ختم، وڌيڪ ڳالهين کان انڪار
ٽرمپ جو اعلان: ايران سان معاهدو ختم، وڌيڪ ڳالهين ک…
08 Jul 2026
منشيات ڪيس: اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيورٽ ميڪگل جي ضمانت واري اپيل رد
منشيات ڪيس: اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيورٽ ميڪگل جي…
08 Jul 2026
واشنگٹن: چین کے بحرالکاہل میں بیلسٹک میزائل تجربے پر امریکا نے تشویش کا اظہار کر دیا۔  خبر ایجنسی کے مطابق امریکی محکمہ
واشنگٹن: چین کے بحرالکاہل میں بیلسٹک میزائل تجربے …
09 Jul 2026
جاپان ۾ عورت پنهنجي هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان سِي ڇڏي
جاپان ۾ عورت پنهنجي هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان…
09 Jul 2026
سعودي عرب پاڪستان سميت 7 ملڪن جي شهرين لاءِ سياحتي پيڪيج ويزا متعارف ڪرائي ڇڏيو
سعودي عرب پاڪستان سميت 7 ملڪن جي شهرين لاءِ سياحتي…
09 Jul 2026