ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
وینزویلا جي هلاڪت خيز زلزلي ۾ فوتين جو انگ 10 هزار تائين پهچڻ جو خدشو

وینزویلا جي هلاڪت خيز زلزلي ۾ فوتين جو انگ 10 هزار تائين پهچڻ جو خدشو

وینزویلا ۾ گذريل هفتي آيل 7.2 ۽ 7.5 شدت وارن طاقتور زلزلن کان پوءِ جاني نقصان بابت ڳڻتي وڌي وئي آهي، ۽ خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته فوتين جو انگ 10 هزار تائين پهچي سگهي ٿو. گڏيل قومن جي عملدارن موجب امڪاني وڏي پيماني تي جاني نقصان کي نظر ۾ رکندي 10 هزار لاشن لاءِ باڊي بيگز حاصل ڪرڻ جون تياريون جاري آهن.

آمريڪي جيولوجيڪل سروي پڻ امڪان ظاهر ڪيو آهي ته زلزلي سبب فوتين جو انگ 10 هزار کان هڪ لک تائين پهچي سگهي ٿو. مقامي اختيارين موجب هن وقت تائين 1719 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته 5034 ماڻهو زخمي ۽ 15 هزار 866 کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن.

زلزلي جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 2500 عمارتون متاثر ٿيون آهن، جڏهن ته متاثر علائقن ۾ امدادي ۽ بچاءَ جون سرگرميون تيزي سان جاري آهن. ريسڪيو اهلڪارن زلزلي کان 106 ڪلاڪن پوءِ به هڪ 21 ورهين جي نوجوان کي زندهه ٻاهر ڪڍي ورتو، جنهن کي هڪ معجزاتي بچاءَ قرار ڏنو پيو وڃي.

ٻئي پاسي يورپي يونين زلزلي متاثرن لاءِ 50 لک ڊالرن کان وڌيڪ هنگامي امداد جاري ڪري ڇڏي آهي. يونيسيف جو چوڻ آهي ته هن قدرتي آفت کان متاثر لڳ ڀڳ 18 لک ماڻهن کي فوري انساني امداد ۽ سهائتا جي ضرورت آهي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
فرانس ۾ سخت گرمي، هڪ هفتي دوران 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت
فرانس ۾ سخت گرمي، هڪ هفتي دوران 2 هزار کان وڌيڪ ما…
03 Jul 2026
طاقتور ايل نينو سسٽم سرگرم ٿيڻ جي اڳڪٿي، عالمي گرمي ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو
طاقتور ايل نينو سسٽم سرگرم ٿيڻ جي اڳڪٿي، عالمي گرم…
04 Jul 2026
سعودي اتحاد جو يمن جي حوثين کي خبردار، حملي جي صورت ۾ سخت جواب جو اعلان
سعودي اتحاد جو يمن جي حوثين کي خبردار، حملي جي صور…
04 Jul 2026
ارجنٽينا ڪيپ ورڊي کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي
ارجنٽينا ڪيپ ورڊي کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پ…
04 Jul 2026
آبنائے هرمز غير علائقائي طاقتن جي فوجي مظاهرن جو ميدان ناهي، ايران جو خبردار
آبنائے هرمز غير علائقائي طاقتن جي فوجي مظاهرن جو م…
04 Jul 2026
ٽرمپ جو اعلان: ايران سان معاهدو ختم، وڌيڪ ڳالهين کان انڪار
ٽرمپ جو اعلان: ايران سان معاهدو ختم، وڌيڪ ڳالهين ک…
08 Jul 2026
منشيات ڪيس: اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيورٽ ميڪگل جي ضمانت واري اپيل رد
منشيات ڪيس: اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيورٽ ميڪگل جي…
08 Jul 2026
واشنگٹن: چین کے بحرالکاہل میں بیلسٹک میزائل تجربے پر امریکا نے تشویش کا اظہار کر دیا۔  خبر ایجنسی کے مطابق امریکی محکمہ
واشنگٹن: چین کے بحرالکاہل میں بیلسٹک میزائل تجربے …
09 Jul 2026
جاپان ۾ عورت پنهنجي هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان سِي ڇڏي
جاپان ۾ عورت پنهنجي هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان…
09 Jul 2026
سعودي عرب پاڪستان سميت 7 ملڪن جي شهرين لاءِ سياحتي پيڪيج ويزا متعارف ڪرائي ڇڏيو
سعودي عرب پاڪستان سميت 7 ملڪن جي شهرين لاءِ سياحتي…
09 Jul 2026