ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
03 اکتوبر 2026
ڪانگو ۽ يوگنڊا ۾ ايبولا ڪيس وڌڻ بعد پاڪستان ۾ ايئرپورٽن تي نگراني سخت

ڪانگو ۽ يوگنڊا ۾ ايبولا ڪيس وڌڻ بعد پاڪستان ۾ ايئرپورٽن تي نگراني سخت


ايبولا جي ڪيسن ۾ واڌ سبب ڪانگو ۽ يوگنڊا ۾ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي، جنهن کان پوءِ پاڪستان حڪومت ملڪ جي سڀني ايئرپورٽن تي نگراني وڌيڪ سخت ڪري ڇڏي آهي۔

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن طرفان هن صورتحال کي عالمي ايمرجنسي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اداري موجب هن وقت تائين آفريڪا کان ٻاهر ڪنهن به ملڪ ۾ ايبولا جو ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو۔

وزارت صحت پاڪستان جي ترجمان چيو آهي ته ايبولا وائرس جو پکيڙ في الحال صرف متاثر افريقي ملڪن تائين محدود آهي، ۽ پاڪستان ۾ خطرو انتهائي گهٽ آهي ڇو ته انهن ملڪن سان محدود سفري رابطا آهن۔

ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ ڪڏهن به ايبولا جو ڪو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، جڏهن ته صورتحال کي مسلسل مانيٽر ڪيو پيو وڃي۔

نیشنل انسٹی ٹیوٹ آف ہیلتھ پڻ صورتحال تي نظر رکي رهيو آهي ۽ ايئرپورٽن تي اسڪريننگ سسٽم کي وڌيڪ مؤثر بڻايو ويو آهي۔

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن طرفان احتياطي نگراني وڌائڻ جي هدايت ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڪنهن به قسم جي سفري پابندين جي سفارش نه ڪئي وئي آهي۔

ترجمان چيو آهي ته وزير صحت طرفان اڳواٽ حفاظتي قدم کنيا ويا آهن ته جيئن عوام کي وبائن کان محفوظ رکيو وڃي، ۽ عالمي صحت ضابطن (International Health Regulations) تي مڪمل عمل ڪيو پيو وڃي۔


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
جعلي دوائن جي خاتمي لاءِ اهم قدم، وفاقي ڪابينا ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي منظوري ڏئي ڇڏي
جعلي دوائن جي خاتمي لاءِ اهم قدم، وفاقي ڪابينا ٽري…
02 Jun 2026
گرمين ۾ نڪسيِر ڦٽڻ: نڪ مان رت وهڻ شروع ٿئي ته فوراً ڇا ڪجي؟
گرمين ۾ نڪسيِر ڦٽڻ: نڪ مان رت وهڻ شروع ٿئي ته فورا…
11 Jun 2026
انساني جسم ڪيتري گرمي برداشت ڪري سگهي ٿو؟ ماهرن جون حدون واضح
انساني جسم ڪيتري گرمي برداشت ڪري سگهي ٿو؟ ماهرن جو…
11 Jun 2026
ڪراچي ۾ گيسٽرو ۽ دستن جي ڪيسن ۾ واڌ، اسپتالن ۾ مريضن جو وڏو رش
ڪراچي ۾ گيسٽرو ۽ دستن جي ڪيسن ۾ واڌ، اسپتالن ۾ مري…
23 Jun 2026
سنڌ ۾ پوليو وائرس جي خاتمي واري مهم ۾ اڳڀرائي، ماحولياتي نمونن جي نتيجن ۾ نمايان بهتري
سنڌ ۾ پوليو وائرس جي خاتمي واري مهم ۾ اڳڀرائي، ماح…
29 Jun 2026
توهان جي جسم ۾ پاڻي جي ڪيتري کوٽ آهي؟ آسان ٽيسٽ سان ڄاڻو
توهان جي جسم ۾ پاڻي جي ڪيتري کوٽ آهي؟ آسان ٽيسٽ سا…
03 Jul 2026
سنڌ ۾ 79 دوائن ۽ سرنجن جا نمونا غير معياري ۽ جعلي قرار
سنڌ ۾ 79 دوائن ۽ سرنجن جا نمونا غير معياري ۽ جعلي …
14 Jul 2026
منظوري نه ملڻ سبب ڪينسر ۽ ذیابيطس سميت ڪيتريون ئي نيون رجسٽرڊ دوائون اڃا تائين مارڪيٽ ۾ موجود ناهن
منظوري نه ملڻ سبب ڪينسر ۽ ذیابيطس سميت ڪيتريون ئي …
20 Jul 2026
ڪراچي جي وليڪا اسپتال ۾ وڌيڪ 16 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق
ڪراچي جي وليڪا اسپتال ۾ وڌيڪ 16 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي …
22 Jul 2026
ٽي بي کي ڪووڊ کان به وڌيڪ خطرناڪ بيماري قرار
ٽي بي کي ڪووڊ کان به وڌيڪ خطرناڪ بيماري قرار
24 Jul 2026