ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
ٽوائلٽ ۾ ڪريل منگني جي انگوٺي 10 سالن بعد مالڪياڻي کي واپس ملي وئي

ٽوائلٽ ۾ ڪريل منگني جي انگوٺي 10 سالن بعد مالڪياڻي کي واپس ملي وئي

آمريڪا ۾ هڪ حيران ڪندڙ ۽ دلچسپ واقعو سامهون آيو آهي، جتي ڏهه سال اڳ ٽوائلٽ ۾ ڪري گم ٿيل منگني جي انگوٺي آخرڪار پنهنجي اصل مالڪياڻي کي واپس ملي وئي.

رياست مشي گن ۾ هڪ پلمبنگ ڪمپني جي ٽيم سيوريج لائن جي مرمت دوران هڪ پائپ اندر چمڪندڙ شيءِ ڏٺي. جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اها هڪ منگني جي انگوٺي هئي، جيڪا لڳ ڀڳ ڏهه سال اڳ ٽوائلٽ ۾ ڪري گم ٿي وئي هئي.

پلمبنگ ڪمپني جي مالڪ گريگ جانسن موجب سندن ٽيم انگوٺي ملڻ بعد ان جي مالڪ کي ڳولڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي پوسٽ به ڪئي.

پوسٽ ڏسڻ کانپوءِ هڪ عورت رابطو ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڏهه سال اڳ هڪ گراهڪ جي شادي جي انگوٺي ٽوائلٽ ۾ ڪري گم ٿي وئي هئي، جنهن کي ڳولڻ جون گهڻيون ڪوششون ڪيون ويون هيون پر ڪاميابي نه ملي هئي.

بعد ۾ انگوٺي جي اصل مالڪياڻي ڪيرول اورم سان رابطو ڪيو ويو. جڏهن هن انگوٺي ڏٺي ته جذباتي ٿي وئي ۽ ٻڌايو ته اها ساڳي انگوٺي آهي جيڪا هن 1965ع ۾ پنهنجي شادي وقت حاصل ڪئي هئي.

سيوريج پائپ ۾ ڏهه سال رهڻ سبب انگوٺي تمام گهڻي خراب ۽ مٽيءَ سان ڀرجي وئي هئي، پر هڪ مقامي سنار ان کي صاف ۽ پالش ڪيو، جنهن بعد اها ٻيهر چمڪڻ لڳي.

انگوٺي واپس ملڻ تي ڪيرول اورم جذبات تي ضابطو نه رکي سگهي ۽ روئي پئي، جڏهن ته پلمبنگ ڪمپني جي عملي به انگوٺي مالڪياڻي تائين پهچائڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
فرانس ۾ سخت گرمي، هڪ هفتي دوران 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت
فرانس ۾ سخت گرمي، هڪ هفتي دوران 2 هزار کان وڌيڪ ما…
03 Jul 2026
طاقتور ايل نينو سسٽم سرگرم ٿيڻ جي اڳڪٿي، عالمي گرمي ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو
طاقتور ايل نينو سسٽم سرگرم ٿيڻ جي اڳڪٿي، عالمي گرم…
04 Jul 2026
سعودي اتحاد جو يمن جي حوثين کي خبردار، حملي جي صورت ۾ سخت جواب جو اعلان
سعودي اتحاد جو يمن جي حوثين کي خبردار، حملي جي صور…
04 Jul 2026
ارجنٽينا ڪيپ ورڊي کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي
ارجنٽينا ڪيپ ورڊي کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پ…
04 Jul 2026
آبنائے هرمز غير علائقائي طاقتن جي فوجي مظاهرن جو ميدان ناهي، ايران جو خبردار
آبنائے هرمز غير علائقائي طاقتن جي فوجي مظاهرن جو م…
04 Jul 2026
ٽرمپ جو اعلان: ايران سان معاهدو ختم، وڌيڪ ڳالهين کان انڪار
ٽرمپ جو اعلان: ايران سان معاهدو ختم، وڌيڪ ڳالهين ک…
08 Jul 2026
منشيات ڪيس: اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيورٽ ميڪگل جي ضمانت واري اپيل رد
منشيات ڪيس: اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيورٽ ميڪگل جي…
08 Jul 2026
واشنگٹن: چین کے بحرالکاہل میں بیلسٹک میزائل تجربے پر امریکا نے تشویش کا اظہار کر دیا۔  خبر ایجنسی کے مطابق امریکی محکمہ
واشنگٹن: چین کے بحرالکاہل میں بیلسٹک میزائل تجربے …
09 Jul 2026
جاپان ۾ عورت پنهنجي هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان سِي ڇڏي
جاپان ۾ عورت پنهنجي هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان…
09 Jul 2026
سعودي عرب پاڪستان سميت 7 ملڪن جي شهرين لاءِ سياحتي پيڪيج ويزا متعارف ڪرائي ڇڏيو
سعودي عرب پاڪستان سميت 7 ملڪن جي شهرين لاءِ سياحتي…
09 Jul 2026