ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
مالي سال 2022ع کان هيل تائين پرڏيهي قرض ۾ واڌ نه ٿي آهي: اسٽيٽ بينڪ گورنر

مالي سال 2022ع کان هيل تائين پرڏيهي قرض ۾ واڌ نه ٿي آهي: اسٽيٽ بينڪ گورنر

ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته مالي سال 2022ع کان هيل تائين پاڪستان جي پرڏيهي قرض ۾ ڪا به واڌ نه ٿي آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مالي سال 26-2025ع جي پهرين 11 مهينن دوران ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس رهيو آهي، جڏهن ته ٻارهين مهيني جا انگ اکر گڏ ڪيا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته مالي سال جي پڄاڻي تي ڪرنٽ اڪائونٽ جو توازن صفر کان هڪ سيڪڙو جي وچ ۾ رهندو.

هن وڌيڪ چيو ته مالي سال جي آخر تائين زرِ مبادله جا ذخيرا 5.5 ارب ڊالر وڌي 18.4 ارب ڊالر ٿي ويا آهن، جڏهن ته 5 ارب ڊالر جا پنهنجا واجبات به گهٽ ڪيا ويا آهن.

گورنر اسٽيٽ بينڪ موجب گذريل چئن سالن دوران پرڏيهي قرض ساڳئي سطح تي برقرار رهيو آهي، جڏهن ته 2015ع کان 2022ع تائين ملڪ جو پرڏيهي قرض هر سال لڳ ڀڳ 6 ارب ڊالر وڌندو رهيو.

جميل احمد وڌيڪ چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ ورڪرز جي ترسيلون گذريل مالي سال کان وڌيڪ رهنديون ۽ مالي سال 2026ع دوران اهي 41.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته برآمدات ۾ وڌيڪ واڌ ٿيڻ تائين معيشت جو دارومدار ترسيل زر تي رهندو.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گهوٽ جي گهر مان فرار
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گه…
07 Jul 2026
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي منظوري
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي…
08 Jul 2026
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير سوار هو؟
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير س…
08 Jul 2026
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ “پنهنجو گهر، محفوظ گهر” اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ…
08 Jul 2026
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منص…
08 Jul 2026
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽ ڇڪتاڻ وڌندي: بئريسٽر گوهر
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽…
08 Jul 2026
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمبر تي رهيو؟
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمب…
08 Jul 2026
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
09 Jul 2026
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاهيندڙ منظم ٽولو گرفتار
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاه…
09 Jul 2026
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم برقرار
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گر…
09 Jul 2026