اسلام آباد: قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان پاڻ کي گريڊ 17 جو آفيسر ظاهر ڪندڙ جعلي شخص عبدالواجد کي گرفتار ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب، گهوٽڪي جو رهواسي عبدالواجد پاڻ کي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو ملازم ۽ آفيسر ظاهر ڪري رهيو هو.
ترجمان موجب، ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل جعلي آفيسر کي گرفتار ڪيو، جنهن وٽ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو جعلي مقرري نامو موجود هو، جنهن تي اسپيڪر جا جعلي صحيحون پڻ ڪيل هيون. جاچ دوران معلوم ٿيو ته عبدالواجد جعلي سڃاڻپ ذريعي غيرقانوني مراعتون ۽ پروٽوڪول پڻ حاصل ڪندو رهيو.
قومي اسيمبلي جي ترجمان چيو ته عوامي شڪايتن ۽ سوشل ميڊيا تي معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ اسپيڪر جي هدايت تي فوري ڪارروائي ڪئي وئي. ترجمان واضح ڪيو ته عبدالواجد جو قومي اسيمبلي سان ڪو به واسطو ناهي ۽ نه ئي سندس مقرري جو ڪو رڪارڊ موجود آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اهڙن جعلسازن کان محتاط رهن ۽ قومي اسيمبلي سان لاڳاپيل ڪنهن به دستاويز جي تصديق ضرور ڪن.