پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل مشهور ميزبان، اداڪار ۽ صداڪار توثيق حيدر ۽ ناليواري اداڪارا فرح سعديه سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ پنهنجي مبينا نڪاح جي خبرن بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي. ٻنهي فنڪارن هڪ وڊيو پيغام ذريعي واضح ڪيو آهي ته سندن شادي يا نڪاح بابت هلندڙ خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي ۽ اهي مڪمل طور تي بي بنياد آهن. هنن چيو ته ڪجهه يوٽيوبرز ۽ سوشل ميڊيا پيجز رڳو وڌيڪ ويوز، شهرت ۽ مالي فائدي لاءِ اهڙيون ڪوڙيون ۽ گمراهه ڪندڙ خبرون هلائي رهيا آهن.
توثيق حيدر ۽ فرح سعديه مزاحيه انداز ۾ ردعمل ڏيندي چيو ته لڳي ٿو هو خوشي خوشي شادي به ڪري چڪا آهن، جڏهن ته کين پاڻ ان بابت ڪا خبر ئي نه هئي. توثيق حيدر کلندي چيو ته جڏهن هو صبح جو اٿيو ته کيس خبر پئي ته سندس فرح سعديه سان شادي ٿي چڪي آهي، ۽ سوشل ميڊيا تي سندن شادي جون تصويرون به وائرل ٿي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته انهن تصويرن ۾ کيس تمام سهڻو گهوٽ بڻايو ويو آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن اهڙيون خبرون هلائي ڪنهن ٻه لک رپيا ڪمائي ورتا آهن ته گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه هزار رپيا سلامي طور موڪلڻ گهرجن.
توثيق حيدر وڌيڪ چيو ته هو پنهنجي زندگي سان خوش آهي ۽ هن غير شادي شده رهندي اهو سکيو آهي ته هر ماڻهو لاءِ شادي ضروري ناهي هوندي، جڏهن ته فرح سعديه به پنهنجي زندگي بابت پنهنجا تجربا رکي ٿي. هن چيو ته ماڻهن کي ٻين جي ذاتي زندگين بابت افواهون پکيڙڻ بدران سچائي کي اهميت ڏيڻ گهرجي.
ٻئي طرف فرح سعديه پڻ ان معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته جڏهن هن پنهنجي نڪاح بابت خبر ڏٺي ته کيس سخت حيرت ٿي. سندس چوڻ هو ته اهڙيون ڪوڙيون خبرون نه رڳو سندن شهرت کي متاثر ڪن ٿيون پر سندن خاندانن، ٻارن ۽ والدين لاءِ به پريشاني جو سبب بڻجن ٿيون. هن چيو ته ماڻهو انهن کان اهڙن معاملن بابت سوال پڇندا آهن، جنهن سبب غير ضروري وضاحتون ڏيڻيون پونديون آهن.
فرح سعديه وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو سندن نالن تي ڪوڙيون خبرون هلائي پنهنجا چينل ۽ پليٽفارم هلائي رهيا آهن، انهن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن اپيل ڪئي ته سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ ۽ مواد ٺاهيندڙ ٻين جي ذاتي زندگين ۾ مداخلت ڪرڻ بدران پنهنجي معاملن تي ڌيان ڏين.
آخر ۾ توثيق حيدر ۽ فرح سعديه واضح ڪيو ته هو هڪ ٻئي جا سٺا دوست آهن ۽ هميشه دوست ئي رهندا. ٻنهي فنڪارن پنهنجي مداحن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ڪوڙين خبرن تي يقين ڪرڻ بدران هميشه تصديق ٿيل معلومات تي ڀروسو ڪيو وڃي.