چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايران پهچي ويو آهي، جتي هو سڀاڻي شهيد آيت الله علي خامنه اي جي جنازي ۾ شرڪت ڪندو.
ايران پهچڻ تي فيلڊ مارشل عاصم منير جو سينيئر ايراني عملدارن استقبال ڪيو.
هو سڀاڻي آيت الله خامنه اي جي جنازي جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو.
ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف پڻ وفاقي ڪابينا جي اهم ميمبرن سان گڏ ايران پهچي چڪو آهي، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ۽ خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي به شهيد ايراني سپريم ليڊر جي جنازي ۾ شرڪت ڪندا.
ياد رهي ته 28 فيبروري 2026ع تي آمريڪا ۽ اسرائيل تهران ۾ حملو ڪري آيت الله خامنه اي جي ڪمپائونڊ کي نشانو بڻايو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ايراني سپريم ليڊر ٻين اهم شخصيتن سان گڏ شهيد ٿي ويو هو.