ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
فيفا ورلڊ ڪپ 2026: مصر ۽ بيلجيم جو ميچ 1-1 گول سان برابر

فيفا ورلڊ ڪپ 2026: مصر ۽ بيلجيم جو ميچ 1-1 گول سان برابر

فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي گروپ جي افتتاحي ميچ ۾ مصر ۽ بيلجيم وچ ۾ مقابلو 1-1 گول سان برابر ٿي ويو.

ميچ ۾ پهرين مصر برتري حاصل ڪئي، جڏهن امام عاشور 20هين منٽ ۾ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي اڳتي آندو. مصر دفاعي طور منظم راند پيش ڪئي ۽ تيز جوابي حملن تي ڀروسو ڪيو. ٽيم مجموعي طور ٽي شاٽ هنيا، جن مان هڪ گول ۾ تبديل ٿيو، جڏهن ته عمر مرموش جي هڪ ڪوشش به ڊيفليڪٽ ٿي ميدان کان ٻاهر نڪري وئي.

مصر جي اسٽار فٽبالر محمد صلاح، جيڪو پنهنجي 34هين سالگرهه ملهائي رهيو هو، کي ڪوچ حسام حسن مرڪزي پوزيشن تي کيڏايو. صلاح جي شاندار پاس تي امام عاشور 20 گز جي فاصلي تان طاقتور شاٽ هڻي مصر کي برتري ڏياري.

ٻئي اڌ ۾ بيلجيم جي ڪوچ 66هين منٽ ۾ اسٽرائيڪر روميلو لوڪاڪو کي ميدان ۾ لاٿو، جنهن فوري طور راند تي اثر ڇڏيو. لوڪاڪو جي حرڪت سبب ٿامس مونيئر جي ڪراس تي مصري محافظ محمد هني کان اون گول ٿي ويو ۽ اسڪور 1-1 سان برابر ٿي ويو.

اهڙي طرح مصر پنهنجي ورلڊ ڪپ مهم جي افتتاحي ميچ ۾ فتح حاصل ڪرڻ کان محروم رهيو، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن هڪ هڪ پوائنٽ حاصل ڪيو.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
فرانس ۾ سخت گرمي، هڪ هفتي دوران 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت
فرانس ۾ سخت گرمي، هڪ هفتي دوران 2 هزار کان وڌيڪ ما…
03 Jul 2026
طاقتور ايل نينو سسٽم سرگرم ٿيڻ جي اڳڪٿي، عالمي گرمي ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو
طاقتور ايل نينو سسٽم سرگرم ٿيڻ جي اڳڪٿي، عالمي گرم…
04 Jul 2026
سعودي اتحاد جو يمن جي حوثين کي خبردار، حملي جي صورت ۾ سخت جواب جو اعلان
سعودي اتحاد جو يمن جي حوثين کي خبردار، حملي جي صور…
04 Jul 2026
ارجنٽينا ڪيپ ورڊي کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي
ارجنٽينا ڪيپ ورڊي کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پ…
04 Jul 2026
آبنائے هرمز غير علائقائي طاقتن جي فوجي مظاهرن جو ميدان ناهي، ايران جو خبردار
آبنائے هرمز غير علائقائي طاقتن جي فوجي مظاهرن جو م…
04 Jul 2026
ٽرمپ جو اعلان: ايران سان معاهدو ختم، وڌيڪ ڳالهين کان انڪار
ٽرمپ جو اعلان: ايران سان معاهدو ختم، وڌيڪ ڳالهين ک…
08 Jul 2026
منشيات ڪيس: اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيورٽ ميڪگل جي ضمانت واري اپيل رد
منشيات ڪيس: اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيورٽ ميڪگل جي…
08 Jul 2026
واشنگٹن: چین کے بحرالکاہل میں بیلسٹک میزائل تجربے پر امریکا نے تشویش کا اظہار کر دیا۔  خبر ایجنسی کے مطابق امریکی محکمہ
واشنگٹن: چین کے بحرالکاہل میں بیلسٹک میزائل تجربے …
09 Jul 2026
جاپان ۾ عورت پنهنجي هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان سِي ڇڏي
جاپان ۾ عورت پنهنجي هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان…
09 Jul 2026
سعودي عرب پاڪستان سميت 7 ملڪن جي شهرين لاءِ سياحتي پيڪيج ويزا متعارف ڪرائي ڇڏيو
سعودي عرب پاڪستان سميت 7 ملڪن جي شهرين لاءِ سياحتي…
09 Jul 2026