لنڊن: پاڪستاني اداڪارا ۽ ٽي وي شو ميزبان فضا علي کي برطانوي پارليامينٽ پاران اعزاز سان نوازيو ويو آهي.
فضا علي کي برطانوي پارليامينٽ ۾ "عورتن جي احترام ۽ ذميوار ميڊيا لاءِ عوامي آواز" (Public Voice for Women’s Respect & Responsible Media) ايوارڊ سان نوازيو ويو.
هن تقريب ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن، صحت جي ماهرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.
MAX-Able Global CIC پاران منعقد ڪيل هن تقريب ۾ معاشري، عورتن جي بااختياري، ذهني صحت بابت آگاهي ۽ فنون جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي ساراهيو ويو.
ايوارڊ وصول ڪرڻ وقت اداڪارا سان گڏ سندس مڙس اعجاز خان ۽ ڌيءَ پڻ موجود هئا.
ان موقعي تي فضا علي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي تقريب جون تصويرون ۽ وڊيوز پڻ شيئر ڪيون، جن ۾ کيس ايوارڊ وصول ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.