گوجرانواله ۾ ڪاري جادو لاهڻ جي نالي تي هڪ ماءُ پنهنجي 4 ورهين جي ڌيءَ کي جيئري ساڙي ڇڏيو.
پوليس موجب افسوسناڪ واقعو بدر ٽائون واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي ماءُ ئي پنهنجي معصوم ڌيءَ جي دشمن بڻجي وئي.
پوليس موجب جوابدار عورت ڪارو جادو لاهڻ جي بهاني جلندڙ چلهو کڻي ٻارڙي جي جسم جي مختلف حصن کي ساڙي ڇڏيو، جنهن سبب معصوم نينگري جو لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو جسم سڙي ويو. زخمي ٻارڙي کي فوري طور علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ڪارروائي ڪندي ماءُ کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته جوابدار عورت سان گڏ سندس ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءَ کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو آهي.
پوليس موجب ٻارڙي کي ساڙڻ دوران ٻنهي ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ کيس پڪڙي رکيو هو، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.