ڪراچي: گل پلازه سانحي بابت پراسيڪيوشن هڪ ڀيرو ٻيهر پوليس جو چالان اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏيو آهي.
پراسيڪيوشن ذريعن موجب پوليس چالان تي لڳايل اعتراض اڃا تائين برقرار آهن، ڇو ته پوليس اهي مڪمل طور ختم نه ڪري سگهي آهي.
ذريعن موجب پوليس گل پلازه جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ چالان سان گڏ شامل نه ڪئي آهي، جڏهن ته عمارت جي ڊيزائن ۾ ڪيل تبديليون ۽ انتظامي لاپرواهي جا تفصيل به چالان ۾ شامل ناهن ڪيا ويا.
پراسيڪيوشن پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته سڀئي اعتراض ختم ڪري چالان ٻيهر جمع ڪرايو وڃي.
واضح رهي ته ان کان اڳ گل پلازه سانحي جي جاچ رپورٽ ۾ واقعي کي حادثاتي قرار ڏنو ويو هو.
رپورٽ موجب فارنزڪ جاچ ۾ به اها تصديق ٿي آهي ته باهه حادثاتي هئي، جڏهن ته پوليس دڪاندار نعمت الله، سندس 11 ورهين جي پٽ حذيفه، گل پلازه ڪميٽي جي صدر تنوير پاستا، نائب صدر عمار اسماعيل، جنرل سيڪريٽري محمد امين ۽ جوائنٽ سيڪريٽري محمد رمضان کي ڪيس ۾ جوابدار نامزد ڪيو آهي. پوليس موجب سڀئي جوابدار هن وقت فرار آهن.