ڀارتي گلوڪار گرو رندھاوا هڪ نئين مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن دهلي ۾ سندس فٽنيس جم تي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪئي. واقعو 10 جون تي پشم وهار علائقي ۾ پيش آيو، جتي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ڪيترائي فائر ڪري فرار ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب واقعي کان پوءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارا فوري طور تي موقعي تي پهتا ۽ شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪئي وئي. خوشقسمتي سان واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جي رپورٽ ناهي ملي، پر علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.
واقعي کان ڪجهه ئي دير بعد سوشل ميڊيا تي لارنس بشنوئي گينگ سان منسوب هڪ پوسٽ سامهون آئي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته گرو رندھاوا جي جم تي حملو صرف “خبردار ڪرڻ” لاءِ ڪيو ويو آهي، ۽ ان ۾ اهو به چيو ويو ته گلوڪار جي سلمان خان سان ويجهڙائي سبب کيس نشانو بڻايو ويو آهي.
پوليس اختيارين موجب فائرنگ واري واقعي ۽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ دعوائن جي جاچ جاري آهي ۽ جلد جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
ياد رهي ته سلمان خان ۽ بشنوئي گينگ وچ ۾ تڪرار 1998 جي ڪاري هرڻ واري ڪيس کان هلندڙ آهي، جنهن کان پوءِ مختلف موقعن تي ڌمڪيون ۽ حملن جا واقعا سامهون ايندا رهيا آهن. گذريل سالن ۾ هي گينگ ڪيترن ئي هاءِ پروفائل واقعن، بشمول گلوڪار سدھو موسے والا جي قتل ۽ ٻين حملن، ۾ به ملوث هجڻ جي الزامن هيٺ رهيو آهي.