ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري لاءِ پهريون ڀيرو انٽرويو ٿيندا، وفاقي قانون واري وزير

هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري لاءِ پهريون ڀيرو انٽرويو ٿيندا، وفاقي قانون واري وزير


لاهور: وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ اعلان ڪيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري لاءِ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اميدوارن جا باقاعده انٽرويو ورتا ويندا، جنهن لاءِ ست رڪني ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي.

هڪ تقريب کي خطاب ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته قانون جي حڪمراني ۽ ان جي پاسداري انتهائي ضروري آهي. هن ٻڌايو ته وڪيلن ۽ سندن خاندانن جي علاج لاءِ نئين پاليسي تيار ڪئي پئي وڃي، جنهن تحت ڪينسر، گردن، جگر ۽ دل جي بيمارين جو علاج سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ ڪرائڻ جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ بار ايسوسيئيشنن لاءِ 135 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته بار ووڪيشنل ڪورسز لاءِ وڌيڪ 2 ڪروڙ رپين جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.

وفاقي وزير چيو ته جڏهن سول ججن ۽ ايڊيشنل سيشن ججن لاءِ امتحان ورتا وڃن ٿا ته پوءِ هاءِ ڪورٽ جي ججن لاءِ انٽرويو ڇو نه ٿيڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته ججن جي مقرري جو عمل مڪمل طور ميرٽ تي هئڻ گهرجي.

اعظم نذير تارڙ وڌيڪ چيو ته پهريون ڀيرو ججن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ آئيني نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي. ججز ايويليويشن ڪميٽي هر سال جي آخر ۾ ججن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي، جڏهن ته غير تسلي بخش ڪارڪردگي جي صورت ۾ جوڊيشل ڪميشن ڏانهن ريفرنس موڪلي سگهجي ٿو، ۽ ضرورت پوڻ تي جج کي هٽائڻ جي سفارش پڻ ڪئي ويندي.




ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گهوٽ جي گهر مان فرار
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گه…
07 Jul 2026
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي منظوري
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي…
08 Jul 2026
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير سوار هو؟
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير س…
08 Jul 2026
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ “پنهنجو گهر، محفوظ گهر” اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ…
08 Jul 2026
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منص…
08 Jul 2026
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽ ڇڪتاڻ وڌندي: بئريسٽر گوهر
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽…
08 Jul 2026
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمبر تي رهيو؟
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمب…
08 Jul 2026
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
09 Jul 2026
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاهيندڙ منظم ٽولو گرفتار
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاه…
09 Jul 2026
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم برقرار
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گر…
09 Jul 2026