ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
هڪ سوشل ميڊيا ريل مان 76 لک رپيا ڪمايان ٿو: انفلوئنسر اوري جو انڪشاف

هڪ سوشل ميڊيا ريل مان 76 لک رپيا ڪمايان ٿو: انفلوئنسر اوري جو انڪشاف


ڀارت سان تعلق رکندڙ سوشل ميڊيا انفلوئنسر اوري انڪشاف ڪيو آهي ته هو سوشل ميڊيا تي صرف هڪ ريل ذريعي 76 لک ڀارتي رپيا ڪمائي وٺندو آهي.

تازو ئي ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو دوران ميزبان اوري (اورهان اواتراماني) کان سوال ڪيو ته هو نه ڪا نوڪري ڪندو آهي ۽ نه ئي سندس حوالي سان ڪا تڪراري ڳالهه سامهون آئي آهي، جڏهن ته هو بالي ووڊ جي تقريبن سڀني مشهور شخصيتن سان مختلف تقريبن ۾ به نظر ايندو آهي، پوءِ سندس وٽ ايترو پئسو ڪٿان اچي ٿو؟

ان سوال جي جواب ۾ اوري پنهنجي آمدني بابت انڪشاف ڪندي چيو ته سندس آمدني جو وڏو حصو برانڊز سان معاهدن ۽ خاص تقريبن ۾ شرڪت مان حاصل ٿيندو آهي.

هن چيو ته گذريل مهيني هن صرف هڪ سوشل ميڊيا ريل ذريعي 76 لک ڀارتي رپيا ڪمايا، جنهن تي ڪيترائي مداح حيران ٿي ويا، پر برانڊز پنهنجي مارڪيٽنگ لاءِ اهڙي رقم ادا ڪندا آهن.

اوري وڌيڪ چيو ته هو مختلف تقريبن جهڙوڪ ڊنر، شادين ۽ سالگرهن ۾ صرف شرڪت ڪرڻ لاءِ به 15 کان 25 لک ڀارتي رپين تائين معاوضو وصول ڪندو آهي.

انفلوئنسر وڌيڪ ٻڌايو ته هو تقريبن ۾ وڃي مهمانن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو آهي ۽ تصويرن لاءِ پنهنجي مخصوص انداز ۾ پوز ڏيندو آهي، جيڪي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو وائرل به ٿي ويندا آهن.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پريتي زنٽا به اي آءِ ڊيپ فيڪ وڊيوز جو شڪار، بمبئي هاءِ ڪورٽ سان رجوع
پريتي زنٽا به اي آءِ ڊيپ فيڪ وڊيوز جو شڪار، بمبئي …
04 Jul 2026
’هيرا ڦيري 3‘ شايد ڪڏهن به نه ٺهي، هدايتڪار پريا درشن جو وڏو انڪشاف
’هيرا ڦيري 3‘ شايد ڪڏهن به نه ٺهي، هدايتڪار پريا د…
04 Jul 2026
عامر خان ۽ گوري اسپرٽ جي شادي جي مهمانن ۽ مينيو جا تفصيل سامهون اچي ويا
عامر خان ۽ گوري اسپرٽ جي شادي جي مهمانن ۽ مينيو جا…
04 Jul 2026
بالي ووڊ پروڊيوسر بوني ڪپور جي ڌيءَ انشولا ڪپور شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي
بالي ووڊ پروڊيوسر بوني ڪپور جي ڌيءَ انشولا ڪپور شا…
07 Jul 2026
"جڏهن به شادي ڪندس ته فخر سان اعلان ڪندس"، آغا علي
"جڏهن به شادي ڪندس ته فخر سان اعلان ڪندس"، آغا علي
07 Jul 2026
پاڪستان جو ناميارو مزاحيه فنڪار الله رکها پيپسي لاڏاڻو ڪري ويو
پاڪستان جو ناميارو مزاحيه فنڪار الله رکها پيپسي لا…
07 Jul 2026
ڌرميندر وفات کان اڳ آخري پيغام ۾ ڇا چيو هو؟ هيما مالني ٻڌائي ڇڏيو
ڌرميندر وفات کان اڳ آخري پيغام ۾ ڇا چيو هو؟ هيما م…
08 Jul 2026
شاهه رخ خان سٺو اداڪار ناهي: فردوس جمال
شاهه رخ خان سٺو اداڪار ناهي: فردوس جمال
09 Jul 2026
مشهور بالي ووڊ اداڪار کي شوٽنگ دوران زهريلي جيت ڪٽي ڇڏيو، حالت ڳڻتي جوڳي
مشهور بالي ووڊ اداڪار کي شوٽنگ دوران زهريلي جيت ڪٽ…
09 Jul 2026
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامندي سان الڳ ٿياسين: وسيم عباس
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامند…
09 Jul 2026