ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
اڊيالا جيل ۾ مون کي اڪيلائي واري قيد ۾ رکيو ويو، جيڪي تڪليفون ڏٺم تن کانپوءِ جيل سڌارا ڪيا: مريم نواز

اڊيالا جيل ۾ مون کي اڪيلائي واري قيد ۾ رکيو ويو، جيڪي تڪليفون ڏٺم تن کانپوءِ جيل سڌارا ڪيا: مريم نواز


اسلام آباد: پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته کيس اڊيالا جيل ۾ اڪيلائي واري قيد ۾ رکيو ويو، جيل جي ڪمري اندر ئي واش روم موجود هو ۽ سمجهه ۾ نه ايندو هو ته نماز لاءِ جا نماز ڪٿي وڇائجي.

هن جيل سڌارن بابت جوڊيشل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پنجاب ۾ 45 جيلون آهن، جن جي گنجائش 39 هزار قيدين جي آهي، پر هن وقت 70 هزار کان وڌيڪ قيدي موجود آهن.

مريم نواز چيو ته پنجاب حڪومت جيلن ۾ ڪيترائي سڌارا آندا آهن ۽ قيدين کي مختلف سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. سندس چوڻ هو ته قيدين لاءِ ڪيل اهي سڌارا سندس پنهنجي جيل واري تجربي کان پوءِ ممڪن بڻيا.

هن وڌيڪ چيو ته جيل ۾ ڪا به پرائيويسي نه هئي، ڪمري جي هڪ پاسي واش روم ۽ ٻئي پاسي سمهڻ جي جاءِ هئي. هن چيو ته جيڪي تڪليفون پاڻ برداشت ڪيون، انهن کي نظر ۾ رکندي پنجاب جي جيلن ۾ قيدين لاءِ وڊيو لنڪ سميت مختلف سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.

ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جيلن ۾ جامع سڌارا آڻي رهي آهي، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته جيل سڌارن جي شروعات اڊيالا جيل کان ٿيڻ گهرجي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي پڻ چيو ته بلوچستان ۾ جيل سڌارن ۽ قيدين جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گهوٽ جي گهر مان فرار
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گه…
07 Jul 2026
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي منظوري
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي…
08 Jul 2026
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير سوار هو؟
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير س…
08 Jul 2026
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ “پنهنجو گهر، محفوظ گهر” اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ…
08 Jul 2026
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منص…
08 Jul 2026
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽ ڇڪتاڻ وڌندي: بئريسٽر گوهر
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽…
08 Jul 2026
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمبر تي رهيو؟
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمب…
08 Jul 2026
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
09 Jul 2026
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاهيندڙ منظم ٽولو گرفتار
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاه…
09 Jul 2026
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم برقرار
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گر…
09 Jul 2026