ڀارت جي مشهور ٽي وي ڊرامي "ڪمڪم ڀاگيه" سان شهرت ماڻيندڙ اداڪارا سنچيتا اوگلي 22 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا جي وفات جو واقعو مهاراشٽرا جي ضلعي پالگهر ۾ پيش آيو.
پوليس موجب واقعي بابت جاچ جاري آهي، جڏهن ته شروعاتي جاچ دوران ڪا مشڪوڪ شيءِ يا نوٽ هٿ نه آيو آهي. اداڪارا جي والد پاران پڻ ڪنهن تي شڪ ظاهر نه ڪيو ويو آهي. وڌيڪ قانوني ۽ طبي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ لاءِ لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.
رپورٽن موجب سنچيتا اوگلي پنهنجي وفات کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ سندس اوچتي وفات جي خبر مداحن لاءِ صدمي جو سبب بڻجي. سوشل ميڊيا تي سندس مداح ۽ شوبز شخصيتون ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪري رهيون آهن.